جڊيشل ڪميشن لاءِ سياسي جرڳو جلد سڏايو ويندو، جماعت اسلامي ۽ پيپلز پارٽي ۾ اتفاق

اسلام آباد (بيورو) جماعت اسلامي ۽ پيپلز پارٽي ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو آهي ته جڊيشل ڪميشن لاءِ سياسي جرڳو سڏايو ويندو، ذرين مطابق امير جماعت اسلامي سراج الحق ۽ پي پي اڳواڻ رحمان ملڪ وچ ۾ جڊيشل ڪميشن جي حوالي سان ٽيليفونڪ رابطو ٿيو رحمان ملڪ امير جماعت سان ڳالهه ٻولهه ۾ چيو ته جڊيشل ڪميشن جي قيام لاءِ سياسي جرڳو جلد سڏايو ويندو. هن چيو ته سندس ڪوشش آهي ته سنيٽ چيئرمين جي چونڊ کان اڳ ئي جڊيشل ڪميشن جو معاملو حل ٿي ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *