جڊيشل ڪميشن جي رپورٽ مان ثابت ٿي ويو ته اليڪشن ڪميشن نااهل ۽ ڪرپٽ آهي: عمران خان

روجهاڻ (م.ڊ) تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته جڊيشل ڪميشن جي رپورٽ مان ثابت ٿي ويو ته اليڪشن ڪميشن نااهل ۽ ڪرپٽ آهي. رحيم يار خان جي علائقي روجهاڻ ۾ ٻوڏ متاثرن سان ملاقات دوران خطاب ڪندي۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته اسان ڌرڻي ذريعي ويڙهه وڙهي چونڊ ڌانڌلي جي جاچ لاءِ جڊيشل ڪميشن ٺهرائي، جنهن جي رپورٽ کانپوءِ هاڻ وقت اچي ويو آهي ته اسان عوام جي حقن جي ويڙهه لاءِ ميدان ۾ لهون، سندس چوڻ هو ته هڪ پاسي هو اليڪشن ڪميشن تي پنهنجي احتساب لاءِ دٻاءُ وجهندا ۽ ٻئي پاسي هڪ عام پاڪستاني جي ضرورتن ۽ سندن حقن لاءِ ويڙهه وڙهندا. هن چيو ته هاري سڄو سال محنت ڪري فصل تيار ڪري ٿو پر اهو لڻڻ وقت پاڻي اچي وڃي ٿو، گذريل ٻن سالن ۾ ملڪ جو هاري پيسجي ويو آهي، پي ٽي آئي سربراهه چيو ته شريف ڀائر ڇهون ڀيرو پنجاب ۾ بادشاهي ڪري رهيا آهن پر کين لاهور کان پري وارن علائقن جو ڪو فڪر ناهي. سندس چوڻ هو ته رحيم يار خان ۽ روجهاڻ ۾ جيڪڏهنن برساتي نالن جي صفائي ٿئي ها ۽ حفاظتي بند ٺهرايا وڃن ها ته هارين کي معاشي نقصان کان بچائي سگهجيو پئي. عمران خان چيو ته پنجاب حڪومت 150 رپيا ميٽرو بسن جي ٻن رٿائن تي خرچ ڪيا پر هارين لاءِ بند نه ٺهرايا ڇو ته حفاظتي بند ٺاهڻ ۾ گهڻي ڪميشن نه ٿي ٺهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *