جي ڊي اي ۽ پي ٽي آءِ وارن جي اسان جي در تي لائين لڳل آھي: سعيد غني

ڪراچي (م.ڊ) سنڌ جي اطلاعات واري وزير سعيد غني چيو آهي ته ڪراچي کي پراڻي نه نئين ماڊرن ڪي سي آر جي ضرورت آهي، اڄ وڏي منصوبي جو ڪنهن به تياري بنا افتتاح ڪيو ويو. هن چيو ته اهو منصوبو اڍائي سئو ارب رپين کان گهٽ جو ناهي، 15 ارب رکيا ويا آهن، 6 ارب اسان جا آهن، منهنجي دعا آهي ته جيڪي واعدا ڪيا ويا آهن اهي پورا ٿين، صوبائي حڪومت سهڪار ڪري رهي آهي، ڪي سي آر منصوبو وفاق ورتو آهي. سندس چوڻ هو ته وفاقي حڪومت جي تياري نظر نه پئي اچي، سنڌ حڪومت ڪي سي آر منصوبي کي فالو اپ ڪيو پر بدقسمتي سان ن ليگ ۽ پي ٽي آءِ حڪومت ان تي ڌيان نه ڏنو، چيف جسٽس نوٽيس ورتو ۽ حڪم ڏنو ته ڪي سي آر کي بحال ڪيو، ڪراچي کي پراڻي نه نئين ماڊرن ڪي سي آر جي ضرورت آهي. سعيد غني وڌيڪ چيو ته جي ڊي اي ۽ پي ٽي آءِ وارن جي اسان جي دَر تي قطار لڳل آهي، جي ڊي اي يا پي ٽي آءِ وارا اسان جا مخالف آهن، جنهن ڏينهن اسان دَر کوليو ته اهي سڀ اسان گڏ هوندا.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *