جي يو آءِ ف پاران گستاخ خاڪن خلاف 23 جنوري تي سڄي ملڪ ۾ احتجاج جو اعلان

سکر(بيورو) جميعت علماءِ اسلام فرانس کان معافي جو مطالبو ڪندي 23 جنوري تي چڙ ڏياريندڙ خاڪا شايع ٿيڻ خلاف سڄي ملڪ ۾ احتجاج جو سڏ ڏيئي ڇڏيو آهي، مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته 21هين آئيني ترميم ۽ فوجي ايڪٽ امتيازي سلوڪ جو سبب بڻجي سگهي ٿو، جنهن ڪري ان ۾ ترميم ڪري خاميون ختم ڪيون وڃن، جي يو آءِ جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي ٻن ڏينهن واري اجلاس بابت منزل گاهه ۾ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته جي يو آءِ اجلاس ۾ گستاخ خاڪا شايع ڪرڻ واري عمل جي سخت مذمت ڪندي فرانس کان گهر ڪئي آهي ته هو دل آزاري ڪرڻ تي مسلمان امت کان معافي گهري، هن چيو ته جي يو آءِ 23 جنوريءَ تي گستاخ خاڪا شايع ڪرڻ تي فرانسي رسالي خلاف سڄي ملڪ ۾ پرامن مظاهرن جو سڏ ڏئي ٿو، هن چيو ته فوجي ايڪٽ ۽ 21هين آئيني ترميم جي حوالي سان اجلاس ۾ پارلياماني پارٽي جي فيصلي جي حمايت ڪئي وئي آهي، ان قانون ۾ غلطيون آهن، جنهن سبب دهشتگردي ۾ واڌ ايندي، ان ترميم تي وڌيڪ غور لاءِ 22 جنوري تي لاهور ۾ ڪل جماعتي سيمينار ڪوٺايو پيو وڃي، جنهن ۾ سياسي ڌرين سميت، وڪيلن، دانشورن، صحافين کي پڻ گهرايو ويندو، جيئن ان ايڪٽ جون خامين جي نشاندهي ڪري سگهجي، مولانا فضل الرحمان چيو ته هو الطاف جو احترام ڪري ٿو، بهتان جي موٽ ۾ بهتان مڙهي هو قومي ايڪي کي نقصان رسائڻ نه ٿو گهري، عمران ايترا ۽ اهڙا ڌرڻا هنيا جو هاڻي ڌرڻي لفظ اچارڻ تي به شرم ٿو اچي، هن چيو ته جي يو آءِ جي دستور ۾ تبديلي ڪري چونڊيل باڊي جو وقت ٽن ورهين کان وڌائي 5 ورهيه ڪيو ويو آهي، ملڪ جي معاشي صورتحال خراب آهي اهڙي وقت ۾ تيل جي اگهن ۾ لاٿ عوام جا ڳوڙها اگهڻ برابر آهي، هن چيو ته ڊاڪٽر خالد محمود سومرو قتل ڪيس جي جاچ بابت هو پوليس جي ڪارڪردگي مان مطمعن آهن، حڪومت ضرب عضب جي ڪاميابي جي دعوا ڪري ٿي ته پوءِ آءِ ڊي پيز کي واپس گهر اماڻڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *