جي يو آءِ (ف) طرفان 5 ڊسمبر تي سڄي ملڪ ۽ پهرين مارچ تي اسلام آباد ۾ ڌرڻو هڻڻ جو اعلان

سکر(بيورو) جي يو آءِ طرفان ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي قتل خلاف 5 ڊسمبر تي سڄي ملڪ ۾ ڌرڻا هڻڻ ۽ پهرين مارچ تي اسلام آباد ۾ ڌرڻو هڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي شهادت وڏو سانحو آهي، واقعي جي جاچ کان پهرين ڪنهن کي قاتل قرار نٿو ڏئي سگهجي، رياست قاتلن جو پيڇو ڪري… جي يو آءِ سربراهه مونا فضل الرحمان سکر ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي 5 ڊسمبر تي سڄي ملڪ ۾ ڌرڻا هڻڻ ۽ پهرين مارچ تي اسلام آباد ۾ ڌرڻو هڻڻ جو اعلان ڪيو. مولانا فضل الرحمان چيو ته ڊاڪٽر خالد محمود سومري جي شهادت وڏو سانحو آهي، واقعي جي جاچ کان پهرين ڪنهن کي قاتل قرار نٿو ڏئي سگهجي، رياست قاتلن جو پيڇو ڪري انصاف ڏياري… هن چيو ته خالد محمود سومرو جي قاتلن جو پيڇو ڪرڻ سندن نه پر رياست جو ڪم آهي، جيڪڏهن رياست قاتل گرفتار نٿي ڪري سگهي ته پوءِ ڪليئر ٻڌائي. هن چيو ته لاڙڪاڻي ۾ ڊاڪٽر خالد محمود سومري جي جنازي نماز ۾ لکين ماڻهن شرڪت ڪئي، هن تاريخ ۾ لاڙڪاڻي اندر اهڙي جنازي نماز نه ڏٺي آهي، هو مظلوم بڻجي ويا آهن، مسلسل کين نشانو بڻايو پيو وڃي… جي يو آءِ سربراه چيو ته 2001 کان مذهبي اڳواڻن کي نشانو بڻايو پيو وڃي، آمريڪا سڄي دنيا کي پنهنجي ماتحت بڻائڻ چاهي ٿي، جنهن ڪري هو دنيا ۾ جنگ مڙهي رهيو آهي.. مولانا فضل الرحمان چيو ته خالد محمود سومرو جي شهادت تي ڪارڪنن ۾ سوڳ جي لهر پکڙيل آهي، هنن جو قانوني حق آهي ته هو احتجاج ڪن، هن وقت پاڪستان جنگ واري صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي… هن چيو ته پاڪستان ۾ دهشتگردي عروج تي آهي تنهن هوندي به سموريون مذهبي پارٽيون صبر کان ڪم وٺي رهيون آهن، هو پهرين به چئي چڪو آهي ته جنگ آمريڪا جي ايجنڊا آهي، آمريڪا جنگ ذريعي پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ گهري ٿو، آمريڪا 2001 کان مذهبي پارٽين کي نشاڻو بڻائي رهيو آهي… مولانا فضل رحمان چيو ته طالبان ۽ ٻين پابندي مڙهيل تنظمين کي دهشتگرد قرار ڏئي پنهنجو فرض پورو نٿو ڪري سگهجي… ان موقعي تي مولانا عبدالغفور حيدري چيو ته 5 ڊسمبر تي سڄي ملڪ ۾ ڌرڻا هنيا ويندا، پهرين مارچ تي اسلام آباد ۾ تاريخ جو سڀ کان وڏو ڌرڻو هنيو ويندو… هن چيو ته مولانا فضل رحمان تي 3 ڀيرا قاتلاڻا حملا ڪيا ويا پر صوبائي حڪومتن حملن تي اطمينان جوڳو جواب ناهي ڏنو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *