جي يو آءِ (ف) سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ جماعت اسلامي امير سراج الحق ۾ ملاقات

اسلام آباد (اي پي پي) پاڪستان جي مستقبل جو داروماد پاڪ چين اقتصادي لنگهه منصوبي جي مڪمل ٿيڻ تي آهي، ان رٿا سان ملڪ جي پوئتي پيل علائقن ۾ خوشحالي ايندي، سموريون سياسي پارٽيون، جماعتي مفادن کان مٿانهون ٿي عوام جي خدمت ڪن، پارلياماني ڪميٽي اقتصادي لنگهه منصوبي تي اڳڀرائي جي نگراني ڪري رهي آهي. اهڙو اظهار جماعت اسلامي جي امير سراج الحق ۽ جي يو آءِ (ف) جي سربراه مولانا فضل الرحمان ملاقات کان پو3 صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. جماعت اسلامي امير سراج الحق يقين ظاهر ڪيو ته منصوبي جي اولهندي حصي کي معاهدي مطابق مڪمل ڪيو ويندو. هن چيو ته اسان ان اهم رٿا کي تڪراري نه ٿا بڻائڻ چاهيون ڇو ته ان سان ملڪ جي پٺتي پيل علائقن ۾ خوشحالي ايندي. سراج الحق سمورين سياسي پارٽين تي زور ڀريو ته هو پارٽي مفادن کان مٿانهون ٿي وام جي خدمت ڪن. ان موقعي تي جي يو آءِ (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو ته هڪ پارلياماني ڪميٽي پاڪ چين اقتصادي لنگهه منصوبي تي اڳڀرائي جي نگراني ڪري رهي آهي هن چيو ته عارضي طور تي بي گهر ٿيندڙ ماڻهن جي مڪمل بحالي لاءِ فوري قدم کڻڻ گهرجن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *