جي ايس ٽي ۾ واڌ خلاف سينيٽ ۾ مخالف ڌر جو احتجاج، واڪ آئوٽ

اسلام آباد(بيورو) جنرل سيلز ٽيڪس ۾ پنج سيڪڙو واڌ خلاف سينيٽ ۾ مخالف ڌر جا ميمبر ايوان مان واڪ آئوٽ ڪري هليا ويا، ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار پيٽروليم شين جي اگهن ۾ هڪ ٻيهر واڌ ڪرڻ جو اشارو ڏيندي چيو آهي ته پيٽروليم شين تي جــِي ايس ٽي ۾ واڌ عارضي آهي. سينيٽ جو اجلاس چيئرمين نيئر بخاري جي صدارت هيٺ ٿيو. اجلاس ۾ حڪومت طرفان جنرل سيلز ٽيڪس ۾ 5 سيڪڙو واڌ واري عمل خلاف مخالف ڌر جي ميمبرن احتجاج ڪندي ايوان مان واڪ آئوٽ ڪيو. سينيٽ ۾ خيالن جو اظهار ڪندي ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته هلندڙ مالي سال لاءِ حڪومت محصولات جي وصولي جو هڪ ڏکيو ٽارگيٽ مقرر ڪيو آهي. هن چيو ته آپريشن وارن علائقن ۾ نئين سر اڏاوت ۽ بحالي لاءِ هڪ سئو ارب رپين جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي. اسحاق ڊار ٻڌايو ته آپريشن ضرب عضب تي هن وقت تائين 30 ارب رپيا واڌ خرچ ٿي چڪا آهن جن مان 15 ارب رپيا پاڪ فوج جي آپريشن جڏهن ته 15 ارب رپيا آءِ ڊي پيز تي خرچ ٿيا آهن. سندس چوڻ هو ته حڪومت کي آءِ ڊي پيز جي واپسي ۽ آپريشن متاثر علائقن ۾ ترقياتي منصوبن لاءِ هڪ ارب ڊالرز جي ضرورت آهي. ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته پيٽروليم شين جي اگهن ۾ گهٽتائي سان عوام کي س4 سئو ارب رپين جو فائدو ٿيو آهي، حڪومت بجلي جي اگهن ۾ 2 رپيا 32 پئسا في يونٽ گهٽتائي ڪئي آهي ۽ هن وقت مهانگائي جي شرح 11 سالن ۾ گهٽ ترين سطح تي آهي. اسحاق ڊار چيو ته پيٽروليم شين جي گهٽتائي سبب عوام کي رليف ملڻ سان گڏ ملڪ ۾ جاري کاتن جي خساري ۾ به گهٽتائي ٿي آهي پر حڪومت کي قرضن جو وياج ۽ قسطون به ڏيڻيون هونديون آهن. هن چيو ته جيڪڏهن حڪومت جي ايس ٽي لاڳو نه ڪندي ته ترقياتي خرچ گهٽ ڪرڻا پوندا. ناڻي واري وزير اسحاق ڊار پيٽروليم شين جا اگهه ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ ٻيهر وڌائڻ جو اشارو ڏيندي چيو ته ان صورت ۾ حڪومت سياسي جماعتن سان صلاح مشورا ڪري جــِي ايس ٽي ۾ ڪيل واڌ واپس وٺندي. ان کان اڳ پ پ سينيٽر تاج حيدر چيو ته ملڪ ۾ وچ ٿرو عدالتي نظام آندو پيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته توانائي واري معاملي تي سنڌ سان زيادتي ڪئي پئي وڃي، سنڌ ۾ ڪوئلو موجود آهي، گئس به نڪري ٿي، قدرتي وسيلا هجڻ باوجود سنڌ کي حصو نه ٿو ملي. اجلاس ۾ سيڪيورٽيز بل 2014ع بل پيش ڪيو ويو جيڪو چيئرمين غور ويچار لاءِ ڪميٽي حوالي ڪري ڇڏيو. اجلاس ۾ اڪثر ميمبرن جي غير حاضري تي چيئرمين ڪاوڙ جو اظهار ڪيو جڏهن ته پ پ سينيٽر رضا رباني جو چوڻ هو ته سينيٽ کي انتهائي غير سنجيدگيءَ سان ورتو پيو وڃي. اجلاس ۾ مختلف معاملن تي بحث جاري هو ته سينيٽ چيئرمين وڌيڪ ڪارروائي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *