جي آءِ ٽي کي فون رڪارڊنگ جو اختيار ڪنهن ڏنو، حڪومت خلاف سازش ٿي رهي آهي: انوشا رحمان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): آءِ ٽي واري مملڪتي وزير انوشا رحمان چيو ته جي آءِ ٽي رپورٽ تي ڪيترائي سوال اٿي رهيا آهن، رپورٽ ۾ بيانن کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو، سمورن خدشن بابت سپريم کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي، اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي انوشا رحمان چيو ته جي آءِ ٽي ميمبر سرڪاري ملازم آهن، جن اختيارن جو ناجائز استعمال ڪيو، سندس چوڻ هو ته جي اءِ ٽي طرفان نيب ڪيس ڪرڻ جي تجويز بدنيتي تي ٻڌل آهي، مملڪتي وزير چيو ته جي آءِ ٽي کي فون رڪارڊنگ جو اختيار ڪنهن ڏنو، حڪومت خلاف سازش ٿي رهي آهي، هن چيو ته جي آءِ ٽي ۾اسحاق ڊار جي بيان کي غلط پيش ڪيو ويو، هيءَ ڪهڙي جي آءِ ٽي آهي، جنهن جي رپورٽ انٽر نيٽ تي موجود آهي، قوم واجد ضياءَ جي جواب جو انتظار ڪري رهي آهي، انوشا رحمان چيو ‎وزيراعظم نواز شريف جو هڪ طرفو ميڊيا ٽرائل ٿي رهيو آهي،  نواز شريف اڄ به وزيراعظم آهي سڀاڻي به وزيراعظم ئي رهندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *