جي آءِ ٽي رپورٽس جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت، دهشتگردي خلاف ويڙهه ۾ پوري قوم جي حمايت حاصل آهي:آرمي چيف

اسلام آباد (بيورو) آرمي چيف جنرل راحيل شريف جي صدارت هيٺ ٿيندڙ ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس ختم، ڪانفرنس ۾ آپريشن  ضرب عضب ۽ نيشنل ايڪشن پلان  سوڌو ڪيترن ئي اهم معاملن تي گور ويچار ڪيو ويو،اجلاس ۾ ملڪ ۾ هلندڙ آپريشنن کي تيز ڪرڻ جو اصولي فيصلو ڪيو ويو،آرمي چيف جنرل راحيل شريف آپريشنن ۾ ڪاميابي تي خوشي جو اظهار به ڪيو، ڪانفرنس ۾ ملڪ جي اندروني سيڪيورٽي جي معاملن تي به غور ويچار ڪيو ويو، اجلاس ۾ آئي ايس پي آر پاران جاري ڪيل بيان مطابق، اجلاس ۾ خطاب ڪندي آرمي چيف جو چوڻ هو ته هشتگردي جي خلاف ويڙهه ۾  پوري قوم جي حمايت حاصل آهي ،قوم جي تعاون سان دهشتگردي جي خاطمي طرف وڌي رهيا آهيون، سندس چوڻ هو ته بهتر نتيجن لاءِ قوم ۾ اتحاد ۽ سُٺي حڪمراني جي ضرورت آهي، ملڪ ۾ امن امان جي لاءِ  وڏي عرصي لاءِ پاليسيون ٺاهڻ گهرجن،آرمي چيف جو چوڻ هو ته “جي آئي ٽي ” رپروٽون تڪڙيون ۽ ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪيون وڃن، جيڪڏهن انهن کي پورو نه ڪيو ويو ته ملڪ ۾ هلندڙ آپريشنون متاثر ٿينديون، اجلاس ۾ آرمي چيف جي آمريڪا جي دوري دوران پاڪستان جي موقف تي به غور ڪيو ويو.آرمي چيف اجلاس ۾ شريڪ اڳواڻن کي سعودي عرب جي دوري بابت اعتماد ۾ ورتو، اپريشن سبب بي گهر ٿيل قبائيلين کي پنهنجن گهرن ڏانهن واپسي تي به ڳالهايو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *