جي آءِ ٽي الٽراسائونڊ ڪيو، هاڻي سپريم ڪورٽ کي دوا لکڻي آهي: سراج الحق

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) جماعت اسلاميءَ جي امير مولانا سراج الحق چيو آهي ته جي آءِ ٽي الٽراسائونڊ ڪيو ۽ هاڻي صرف سپريم ڪورٽ کي دوا لکڻي آهي، اسان جي آءِ ٽي جي رپورٽ ۾ اهو چاهيون ٿا ته مريض فوري طور تي استعيفيٰ ڏين، اپوزيسن اجلاس کان پوءِ ٻين سياسي اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي سراج الحق وڌيڪ چيو ته سپريم ڪورٽ پاناما ڪيس جو جيڪو به فيصلو ڪندي اسان ان سان گڏ آهيون، اسان سمورن ماڻهن جو احتساب چاهيون ٿا، اسان جي ملڪ ۾ ڪو به شخص آئين ۽ قانون کان مٿانهون ناهي. هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته پاڪستان هڪ جسم آهي ۽ جمهوريت ان جو روح آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *