جيڪڏهن ڪنهن ڏوهه ڪيو آهي ته نيب ثابت به ڪري: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ هاءِ ڪورٽ پلاٽن جي غيرقانوني وڪرو واري معاملي تي ٻڌڻي دوران نيب تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته آهي ته جيڪڏهن ڪنهن ڏوهه ڪيو آهي ته نيب ثابت به ڪري. هائوسنگ سوسائيٽي جي نالي تي شهرين سان فراڊ ڪرڻ جي نيب جاچ ۾ دير  تي چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ، نيب جي پراسيڪيوٽر جنرل ۽ جاچ آفيسر تي ڪاوڙ ڪئي ۽ نيب جي انڪوائري ۽ جاچ جي ايس او پي تي سختي سان عملدرآمد جو حڪم ڏيندي حڪم نامي جي ڪاپي چيئرمين، ڊي جيز نيب، اوگرا کي موڪلڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.  عدالت جوابدار عبدالسلام، محمد عارف ۽ دانش خلاف انڪوائري مڪمل ٿيڻ ۾ دير تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. عدالت پراسيڪيوٽر جنرل کان سوال ڪيو ته ٻه هزار سورنهن کان انڪوائري هلي رهي آهي پر ڪو به نتيجو ناهي نڪتو؟ پراسيڪيوٽر صاحب اوهان جاچ آفيسرن جي ڪارڪردگي ڏسو، ڇا اوهان ان مان مطمئن آهيو. عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته جڏهن اوهان ماڻهن ڏانهن نان اسٽاپ نوٽيس موڪليندا آهيو ته پوءِ  انڪوائري به جلد مڪمل ڪريو. هڪ هفتي ۾ اندر اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ اسان سخت آرڊر پاس ڪنداسين. نيب موجب جوابدارن پاڪستان نيوي هائوسنگ سوسائيٽي ۾ جعلي دستاويزن تي ماڻهن پلاٽ وڪرو ڪيا هئا. جوابدارن تي 45 ڪروڙ رپين جي ڪرپشن جو الزام آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *