جيڪڏهن ڌانڌلين جا ثبوت ٿيلهن ۾ آهن ته پوءِ الزام هڻندڙ وٽ ڇا آهي : نواز شريف

لنڊن (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته جيڪڏهن ڌانڌلين جا ثبوت ٿيلهن ۾ موجود آهن ته پوءِ الزام لڳائيندڙن وٽ ڇا آهي؟، پاڪستان ۾ اهڙي قسم جي سياست نه ٿيڻ گهرجي، جنهن سان ملڪ کي نقصان پهچي، ڇانوڻي بورڊ جي نتيجن مان خوش آهي، مڪاني چونڊن ۾ به ن ليگ اڪثريت سان ڪاميابي ماڻيندي. لنڊن  ميڊيا سان ڳالهائيندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته برطانيه پاڪستان جو سٺو دوست آهي، جنهن هر ڏکي وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي ۽ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ڪينٽونمينٽ بورڊز ۾ ن ليگ جي ڪاميابي سٺو عمل آهي، مڪاني چوندن ۾ به نواز ليگ اڪثريت سان ڪاميابي ماڻيندي. هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم نواز شريف چيو ته  چين جي سيڙپڪاري پاڪستان جي معيشت جي بحالي لاءِ انتهائي اهم آهي، چيني سيڙپڪاري سان رستا ۽ گوادر ۾ نئون ايئرپورٽ ٺهندو، جڏهن ته چين بجلي جي شعبن ۾ به سيڙپڪاري ڪري رهيو آهي.  ڌانڌلين بابت سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن ڌانڌلين جا ثبوت ٿيلهن ۾ موجود آهي ته پوءِ الزام لڳائيندڙن وٽ ڇا آهي، پاڪستان ۾ اهڙي قسم جي سياست نه ٿيڻ گهرجي. سبين محمود جي قتل بابت سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته واقعو افسوسناڪ آهي، قاتلن کي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *