جيڪڏهن ڊڄو ٿا ته انصاف نه گهرو: چيف جسٽس

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ 8 سالن کانپوءِ عمر قيد جي ٽن جوابدارن کي آزاد ڪري ڇڏيو. چيف جسٽس آصف سعيد کوسا فيصلو ٻڌائيندي ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن ڊڄو ٿا ته انصاف نه گهرو، الله جو فرمان آهي ته سچي شاهدي لاءِ سامهون اچي وڃو، پنهنجي پيءُ، ماءُ ۽ عزيزن خلاف به شاهد بڻجو. سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران چيف جسٽس آصف سعيد کوسا 8 سالن کانپوءِ عمر قيد جي ٽن جوابدارن کي آزاد ڪري ڇڏيو. چيف جسٽس چيو ته مغوي جي آزادي پوليس ذريعي ناهي ٿي، مغوي آزاد ٿيڻ کان 6 مهينا پوءِ به پڇا ڳاڇا ۾ شامل نه ٿيو، مغوي جاچ ۾ شامل نه ٿيڻ جو ڪو جواز به پيش نه ڪيو، تنهن ڪري جوابدارن کي شڪ جو فائدو ڏيندي سزا ختم ۽ آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو. جسٽس آصف کوسا وڌيڪ ريمارڪس ڏنا ته پوليس ڌمڪي ڏيندي آهي، اسان وٽ ڪيترائي اڻڄاتل ڪيس هلي رهيا آهن، توهان کي به ڪنهن ڪيس ۾ وجهي ڇڏينداسين، جنهن تي جوابدار اسد علي جي وڪيل چيو ته جوابدارن خلاف ماڻهو شاهدي ڏيڻ کان ڊڄندا آهن. چيف جسٽس چيو جيڪڏهن ڊڄن ٿا ته انصاف نه گهرن، رڪارڊ موجب شاهدن ۽ پوليس ۾ تڪرار رهيو هو.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *