جيڪڏهن پ پ پنهنجي برداشت جو مظاهرو ختم ڪيو ته نواز حڪومت کي ڀڄڻو پوندو: بلاول ڀٽو

لاهور (اين اين آءِ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پارٽي اڳواڻ بابر سهيل بٽ جي قتل جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته نواز حڪومت پنهنجا دهشتگرد پ پ جي ڪارڪنن تي دهشتگردي لاءِ ڇوڙي ڇڏيا آهن، بابر سهيل بٽ جو قتل ۽ شوڪت بسرا تي حملو هڪ ئي سازش جو حصو آهي، پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته حڪومت وارثن جي مرضي سان ڪيس داخل ڪري، اصل جوابدار گرفتار ڪري، پ پ جي ڪارڪنن برداشت جو مظاهرو ڇڏي ڏنو ته نواز حڪومت کي ڀڃڻو پوندو، هن چيو ته پ پ شهيد بابر بٽ کي خراج تحسين پيش ڪري ٿي ۽ ان جي خاندان جي ڏک ۾ انهن سان گڏ آهي، ان کانپوءِ پارٽي اڳواڻ بابر سهيل بٽ جي قتل جي سوڳ ۾ بلاول هائوس لاهور ۾ شيڊول سمورين تنظيمي سرگرمين کي معطل ڪري ڇڏيو، پنجاب جي اطلاع واري سيڪريٽري مصطفيٰ نواز کوکر پاران جاري بيان موجب بلاول هائوس ۾ سومر تي ٿيندڙ لاهور ۽ قصور جي ضلعي تنظيمي معاملن بابت اجلاسن کي معطل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ بلاول ڀٽو تنظيمي عهدن لاءِ اميدوارن کان انٽرويو وٺڻو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *