جيڪڏهن پاڻي بحران تي ڪنٽرول نه ڪيو ويو ته ڪراچيءَ ۾ فساد ٿيندا: فاروق ستار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته ڪراچي ۾ پاڻي جي مسئلي تي روڊن تي اچڻ کانسواءِ ٻيو ڪوبه رستو ناهي چيو ۽ انهيءَ بحران جي ذميوار سنڌ حڪومت آهي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڊاڪٽر فاروق ستار جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ بلدياتي ادارن جو ڪوبه وجود ناهي. متحده وٽ ڪراچي جو 85 سيڪڙو مينڊي آهي پر هن شهر جا مسئلا حل ڪرڻ جو ڪوبه اختيار ناهي، شهر هن وقت پاڻي جي بحران سبب ڪربلا جو منظر پيش ڪري رهيو آهي ۽ اُن جي ذميوار سنڌ حڪومت آهي. هن چيو ته صوبائي حڪومت پاران اڄ تائين ڪراچي ۾ پاڻي بحران تي ڳالهائيو ئي ناهي، شهر کي هڪ هزار ملين گيلن پاڻي جي ضرورت آهي پر هن وقت رڳو 560 ملين گيلن فراهم ڪيو پيو وڃي. فاروق ستار چيو ته جيڪڏهن شهر ۾ پاڻي جي منصفاڻي ورڇ ڪئي وڃي ته شهرين جي ڏکيائين ۾ گهٽتائي ٿي سگهي ٿي ۽ پاڻي جي مسئلي تي روڊن تي اچڻ کانسواءِ ڪوبه رستو ناهي بچيو. جيڪڏهن انهيءَ مسئلي تي ڪوبه احتجاج ٿيو ته مظاهرين سان گ هونداسين. فاروق ستار چيو ته شادي هالن پويان پوندڙ پاڻي بحران تي ڪنٽرول ڪن. جيڪڏهن حق نه ڏنا ويا ته آئنده سنڌ اسيمبلي جي اڱڻ ۾ پنهنجي الوڳ اسيمبلي لڳائينداسين. جيڪڏهن پاڻي بحران تي ڪنٽرول نه ڪيو ويو ته ڪراچيءَ ۾ فساد ٿيندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *