جيڪڏهن نواز شريف کي عدالت اصغر خان ڪيس ۾ گهرايو ويو ته کيس پيش ٿيڻ گهرجي: خورشيد شاهه

سکر(ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته مخالف ڄاڻي ڇڏين ته سکر پاڪستان پيپلز پارٽي جو قلعو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته سنڌ ۾ اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪنداسين. خورشد شاهه چيو ته اسان جي پهرين ترجيح آبادي ۽ پاڻي آهي، پارٽي منشور به هڪ هفتي جي اندر اچي ويندو، صحت، تعليم ۽ ترقي به اسان جي ترجيحن ۾ شامل آهي. هن چيو ته وزير اعظم جي تبديلي کان وڌيڪ اسيمبلي جو مدو پورو ڪرڻ اهم آهي، پيپلز پارٽي جي هميشه ڪوشش رهي ته پارليامينٽ پنهنجو مدو پورو ڪري. خورشيد شاهه چيو ته نيب چيئرمين جي مقرري چيلينج ڪرڻ واري معاملي تي پنهنجو فرض نڀايو، هاڻ معاملو عدالت ۾ آهي، سپريم ڪورٽ بهتر ڄاڻي ٿي ته ڇا ڪرڻو پوندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ريحام خان جي مسئلي ۾ اسان کي نه وڌو وڃي، اصغر خان ڪيس ۾ منهنجو نالو غلطي سان اچي ويو هو، اصغر خان ڪيس ۾ جيڪڏهن نواز شريف کي گهرايو ويو آهي ته هن کي پيش ٿيڻو پوندو. هن چيو ته جمهوريت کي غير مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ ڪيترائي محاذ بڻيا، پر سمورا ناڪام رهيا ۽ مستقبل ۾ به ناڪام رهندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *