جيڪڏهن فاٽا ۾ روزگار جا نوان موقعا پيدا ڪيا وڃن ته طالبان جو مسئلو ختم ٿي ويندو: رضا رباني

اسلام آباد (بيورو) سينيٽ جي سموري ايوان تي ٻڌل ڪميٽي کي آگاهي ڏني وئي آهي ته جيڪڏهن فاٽا ۾ روزگار جا نوان موقعا پيدا ڪيا وڃن ته طالبان جو مسئلو ختم ٿي ويندو. سينيٽ چيئرمين رضا رباني جي صدارت هيٺ سموري ايوان تي ٻڌل ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ فاٽا جي سڌارن بابت جوڙيل ڪميٽي جي ميمبر جسٽس رٽائرڊ ميان اجمل بريفنگ ڏني. اجلاس کي آگاهي ڏني وئي ته حڪومت فاٽا جي قانون ايف سي آر جو نالو تبديل ڪري فاٽا ريگيوليشن تجويز ڪيو هو ۽ اها به تجويز ڏني هئي ته فاٽا ۾ گهر نه ڪرايا وڃن. ڪميٽي کي ٻڌايو ويو ته 2005ع ۾ ايف سي آر قانون ۾ ترميم لاءِ سفارشون پيش ڪيون ويون، ۽ تجويز ڏني وئي هئي ته عورتن، ٻارڙن ۽ بزرگن کي گرفتار نه ڪيو وڃي. جسٽس رٽائرڊ ميان اجمل چيو ته فاٽا ۾ روزگار جا وڏا مسئلا آهن، جيڪڏهن اتي روزگار جا موقعا پيدا ڪيا وڃن، ته طالبان جو مسئلو ختم ٿي ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *