جيڪڏهن عمران خان ڪراچي مان سيٽ کٽي ويو ته ان کي پنهنجي چادر ڏيندس: محمود اچڪزئي

اسلام آباد (بيورو) پشتونخواهه ميپ جي سربراهه محمود اچڪزئي چيو آهي ته جيڪڏهن عمران خنا ڪراچي مان سيٽ کٽي ويو ته ان کي پنهنجي چادر ڏئي ڇڏيندس، پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي محمود اچڪزئي چيو ته پارليامينٽ تي حملو ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ٿيڻ گهرجي جڏهن ته عمران خان کي منهنجي چادر ڏاڍي پسند آهي جيڪڏهن هو ڪراچي جي ضمني چونڊن ۾ سيٽ  کٽي ويو ته ان کي پنهنجي چادر ڏيندس، محمود اچڪزئي جو چوڻ هو ته ملڪ فوج ۽ بمن سان نه پر عوام جي طاقت سان بچايا ويندا آهن يمن جو مسئلو انتهائي حساس آهي ان معاملي ۾ جذباتي فيصلو ڪرڻ کان پاسو ڪرڻو پوندو جڏهن ته حتمي فيصلو جو اختيار پارليامينٽ کي هجڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *