جيڪڏهن رنڊڪون نه وڌيون وڃن ها ته سڀ ڪم پورا ٿي وڃن ها: نواز شريف

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته هارين لاءِ اعلان ڪيل پيڪيج روڪڻ وارن کي مون سان گڏجي هارين جي خدمت ڪرڻ گهرجي، هاري پنهنجن پيرن تي بيهندا ته پاڪستان خوشحال ٿيندو، رڪاوٽون نه اچن ها ته ڪڏهوڪو ان تي عمل ٿي وڃي ها، غلط بيان کان ڪم نه وٺون، ڪوڙ ڳالهائڻ منهنجي عادت ۾ شامل نه آهي، 2017 تائين لوڊشيڊنگ جو مڪمل خاتمو ڪيو ويندو، هارين جي خدمت پنهنجي خوش قسمت سمجهان ٿو، لوڌران مسلم ليگ ن جو قلعو بڻجي چڪو آهي جيتري محبت لوڌران جي ماڻهن ڏني آهي ان کان وڌيڪ انهن سان محبت ڪندس، گيس جي کوٽ آهي ۽ گيس ٻاهران گهرائي پئي وڃي، 2017 خوشحالي جو سال هوندو، لوڌران کي 2 ارب رپيا نه پر اڍائي ارب رپيا ڏنا ويندا، جمعي تي هارين کي چيڪ ڏيڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم محمد نواز شريف چيو ته هارين سان ملي تمام گهڻي خوشي محسوس ٿي رهي آهي، گهڻي وقت کان خواهش هئي ته هارين سان ملاقات ٿئي، وزيراعظم چيو ته مون هارين جي پيڪيج جو اعلان 15 سيپٽمبر تي ڪيو هو، اڄ اٽڪل 2 مهينا ٿيڻ وارا آهن، چاهي رهيو هيس تي پيڪيج جي اعلان جي هڪ هفتي کانپوءِ هاري سان ملاقات ڪري پيڪيج جو افتتاح ڪيان، هن هارين سان مخاطب ٿيندي چيو ته توهان کي خبر آهي ته ان ڪم ۾ ڪنهن روڪيو آهي، هن چيو ته روڪڻ وارا اهي ئي ماڻهو آهن جيڪي چئي رهيا آهن ته اسان کي هاري تمام گهڻا پيارا آهن، هارين سان محبت آهي، جيڪڏهن توهان کي هارين سان محبت آهي ته نواز شريف کي نيڪ ڪم کان ڇو روڪي رهيا آهيو ۽ توهان کي نواز شريف جو ساٿ ڏيڻ گهرجي، هارين جي مدد لاءِ 24 ڪلاڪن اندر مون وٽ اچڻ گهرجي ها پر اهي ماڻهو منهنجا هٿ روڪي رهيا آهن، جيڪڏهن روڪاوٽ نه هجي ها ته اڄ هي ڪم مڪمل ٿي چڪو هجي ها، وزيراعظم چيو ته حڪومت چاهيو پئي ته وقت اندر مدد ڪئي وڃي، هارين کي ان وقت مدد جي ضرورت هئي ته جيئن هاري ايندڙ فصل لاءِ ڪم ڪن، پاڪستان جي تاريخ ۾ 341 ارب رپين جي پيڪيج جو اعلان نه ٿيو آهي ۽ نه ئي ڪنهن حڪومت منظور ڪيو آهي، هاري خوشحال هوندا ته پاڪستان به خوشحال هوندو، وزيراعظم چيو ته هاري راتين جو اٿي فصل کي پاڻي ڏئي ٿو ۽ سڄو ڏينهن اس ۾ محنت ڪري پنهنجن ٻچن جو پيٽ پالي ٿو ۽ مشڪل حالتن ۾ انهن کي تعليم حاصل ڪرائي ٿو، هاري سموري قوم لاءِ اناج پيدا ڪري ٿو، جيڪڏهن ان کي صحيح معاوضو نه ملي ته افسوس جي ڳالهه آهي، وزيراعظم چيو ته سڪندر بوسڻ کي شاباش هجي جنهن پنهنجو قيمتي وقت پيڪيج تي لڳايو ۽ پيڪيج ٺاهڻ تي وڏي محنت ڪئي آهي، منهنجي، حڪومت ۽ ناڻي جي وفاقي وزير جي معاونت ڪئي آهي، وزيراعظم چيو ته اسان ڀاڻ جي قيمت ۾ 5 سئو رپيا في ٻوري گهٽتائي ڪئي آهي، ڊيزل جي قيمت به گهٽ ڪئي وئي آهي، ٽيوب ويل سستا هلي رهيا آهن، بجلي مهانگي هئي، الله تعاليٰ جي فضل سان ڊيزل جي قيمت گهٽ ٿي، انٽرنيشنل سطح تي ڊيزل جي قيمت گهٽ ٿي آهي، اسان چاهيون ٿا ته وڌيڪ قيمتون گهٽ ڪيون وڃن، سمشي توانائي تي ٽيوب ويل لڳائي رهيا آهيون ته جئين آبادگارن کي سستي بجلي فراهم ڪئي وڃي، حڪومت آبادگارن کي قرض ڏيندي ۽ رعايت ڏيندي، آبادگارن کي بجلي جو بل گهڻو ايندو هو، سمشي توانائي تي هلندڙ ٽيوب ويل سستو آهي، آبادگارن کي فائدو ٿيندو، چاهيون ٿا ته آبادگارن کي معاوضو ملي، معاوضو صحيح نه ملندو ته آبادگارن جي چيلهه چٻي ٿي ويندي پر حڪومت ساڍا 30 سئو ارب رپين جو منصوبو جوڙيو آهي، ان سان آبادگار پنهنجن پيرن تي بيهند ۽ جڏهن آبادگار پنهنجن پيرن تي بيهندا ته ٻين مسئلن تي ڪنٽرول ڪري وٺنداسين، زراعت سان گهڻو جلد پيسو واپس اچي، آبادگارن جي خدمت عبادت آهي، اسان عبادت سمجهي آبادگارن جي خدمتون ڪريون ٿا، وزيراعظم چيو ته اسان غلط بياني نٿا ڪريون، ڪوڙ ڳالهائڻ منهنجي عادت نه آهي، صاف ۽ سچي ڳالهه ڪريان ٿو ۽ سچائي ۾ الله تعاليٰ برڪت وجهندو آهي، آبادگارن لاءِ وڌيڪ اسڪميون تيار ڪرڻ گهرجن ته جئين اهي خوشحال ٿي سگهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *