جيڪڏهن حڪمران جماعت وٽ لاهور جو سڀ کان وڏو مينڊيٽ آهي ته مينار پاڪستان ڀري ڏيکاري: عمران خان

اسلام آباد (بيورو) تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان، ن ليگ کي چيلينج ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن حڪمران جماعت وٽ لاهور جو سڀ کان وڌيڪ مينڊيٽ آهي ته مينار پاڪستان ڀري ڏيکاري، عام چونڊن ۾ منظم ڌانڌلي ڪئي وئي، جنهن ۾ ن ليگ، اليڪشن ڪميشن ۽ آر اوز ملوث آهن. جڊيشل ڪميشن جي ڪارروائي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو ته چاليهه سيڪڙو تڪن تان فارم 15 غائب آهن، انڪوائري ڪميشن جي حڪم بعد تڪڙ تڪڙ ۾ فارم15 ٿيلهن ۾ ڀريا پيا وڃن، اعتزاز احسن ڪميشن آڏو ٻڌايو ته ن ليگ اڃا به ڌانڌلي ڪري پئي. هن چيو ته پنجاب جي تڪن تي واڌو بيلٽ پيپر پهچائڻ وارو سياسي فيصلو هو، جنهن سان نواز ليگ کي فائدو پهچايو ويو. عمران خان چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ ڪيپٽن صفدر جي تڪ لاءِ واڌو بيلٽ پيپر موڪليا ويا، ريٽرننگ آفيسرز پنجاب ۾ ن ليگ جي سڌي ريت مدد ڪئي هئي. هن چيو ته پنجاب جي اڳوڻي نگران وڏي وزير نجم سيٺي جو بيان رڪارڊ تي آهي، جنهن ۾ هن واضح چيو ته کيس اختيار ئي نه هئا. هڪ سوال جي جواب ۾ عمران خان چيو ته ن ليگ عوام جو مينڊيٽ چورايو آهي، جيڪڏهن ان وٽ لاهور جو مينڊيٽ آهي ته هڪ ڀيرو مينار پاڪستان ڀري ڏيکاري.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *