جيڪڏهن اڄ کانپوءِ ائين ڪيو ته توهان جي ميمبرن جا گھر به محفوظ نه رهندا: راڻا ثناءُ الله جي تحريڪ انصاف کي ڌمڪي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي اڳواڻ راڻا ثناءُ الله پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي احتجاج تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن اڄ کانپوءِ ائين ڪيو ته توهان جي ميمبرن جا گھر به محفوظ نه رهندا. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مسلم ليگ ن جي اڳواڻ راڻا ثناءُ الله چيو ته ڪنهن هنڌ به پي ٽي آءِ جي احتجاج ڪندڙن جو انگ 70،60 کان وڌيڪ ناهي، اڄ جيڪو ڪيو سو ڪيو، اڄ کانپوءِ ائين ٿيو ته سر جو جواب پٿر سان ڏينداسين. هن چيو اسان ٻڌائينداسين ته انسانن جو سمنڊ ڪهڙو هوندو آهي، اسان جو قافلو رستي ۾ ٻه راتيون ترسندو، انسانن جو سمنڊ 27 مارچ تي اسلام آباد پهچندو، رزلٽ وٺي اسلام آباد کان واپس وينداسين. مسلم ليگ ن اڳواڻ چيو ووٽ وجھڻ کان پهرين ڪنهن ميمبر خلاف ڪارروائي نٿي ٿي سگھي، طاقت جي زور سان به روڪينداسين، آئيني ۽ قانوني طريقيڪار به استعمال ڪنداسين. راڻا ثناءُ الله جو چوڻ هو ته شيخ رشيد جو لهجو هاڻي سست ٿي ويو آهي، پنڊي جي شيطان ۽ جهلم جي ڊبو کي مناظري جو چيلينج ڏيان ٿو، ثبوت آڻيو ڪنهن پئسا ورتا آهن، ميمبرن تڪ جي عوام جي دٻاءَ تي نالائق ٽولي کي ڪيرائڻ جو فيصلو ڪيو، هٺ ۽ بي شرمي سان الزام هڻي سياست ۽ جمهوريت کي ڪنو ڪري رهيا آهن. هن چيو ته مسلم ليگ ن ڪنهن ميمبر کي آڇ ناهي ڪئي، 20 کن ميمبرن جو فيصلو آهي ته ايندڙ چونڊون پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ تي نه وڙهنداسين، نه انهن جون ڌمڪيون ڪم اينديون نه ئي ميڙ منٿ ڪم ايندي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *