جيڪڏهن اسان سرجيڪل اسٽرائيڪ ڪئي ته ڀارتي پنهنجي ٻارن کي پاڪ فوج جا قصا ٻڌائيندا رهندا: آرمي چيف

راولپنڊي (اين اين آءِ) آرمي چيف جنرل راحيل شريف چيو آهي ته ڀارت  ايل او سي تي سرجيڪل اسٽرائيڪ جو ڊرامو ڪيو، جيڪڏن اسان سرجيڪ اسٽرائيڪ ڪئي ته ڀارت جو ايندڙ نسل ياد رکندو. پاڪ فوج دنيا جي عظيم فوج آهي مان وڃان پيو ۽ 29 نومبر تي پنهنجا اختيار واپس ڏئي ڇڏيندس. نوان ماڻهو ايندا ۽ اهو سلسلو ائين ئي برقرار رهندو. منهنجو جيئڻ مرڻ ملڪ لاءِ آهي. ريٽائرمينٽ کان پوءِ پنهنجي زندگي شهيدن جي وارثن لاءِ وقف ڪريان ٿو. آرمي چيف جنرل راحيل شريف چيو ته پاڪ فوج جا جوان ڀارتي فوج کي سبق سيکاري سگهن ٿا. ڀارت ايل او سي تي سرجيڪل اسٽرائيڪ جو ڪوڙو ڊرامو ڪيو. کين سرجيڪل اسٽرائيڪ جي خبر ئي ناهي. جيڪڏهن اسان سرجيڪل اسٽرائيڪ شروع ڪئي ته ڀارت جو ايندڙ نسل ياد رکندو ۽  جيڪڏهن ڀارت پاران سرجيڪل اسٽرائيڪ ڪئي وئي ته ڀارتي ڪتابن ۾ پاڪ فوج جو قصا پڙهايا ويندا. چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف چيو آهي ته قوم جي حمايت سان دهشتگردي خاتمي جي آپريشن جو سلسلو مڪمل ٿي چڪو آهي اسٽيبلائيزيشن آپريشن ۽ عارضي بي گهر ماڻهن جي ٻيهر آبادي جي مرحلي سان اسان کي پنهنجي ڪاميابين کي مضبوط ڪرڻ ۾ مدد ملي رهي آهي قبائلي عوام ۽ اسان دهشتگردي جو ڪيترن ئي سالن کان گڏجي مقابلو ڪيو آءِ ايس پي آر مطابق چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف خميس تي فاٽا ۽ پشاور جو دورو ڪيو جيڪو ان جي الوداعي دورن جو حصو آهي وانا ۾ آرمي چيف پاڪ فوج ۽ فرنٽيئر ڪور جي آفيسرن ۽ جوانن کي خطاب ڪيو. آرمي چيف دهشتگردن کي فاٽا جي پناهه گاهن مان ڪاميابي سان ڪڍڻ ۽ ان جو انفراسٽريڪچر ختم ڪرن تي آرمي ۽ فرنٽيئر ڪور جي تعريف ڪئي جنرل راحيل شريف چيو ته الله حمدالله قوم جي حمايت سان اسان دهشتگردي جي خاتمي جي آپريشن جو سلسلو گڏيل ۽ منفرد انداز ۾ مڪمل ڪيو آهي هن چيو ته پنهنجي علائقن کي دهشتگردن کان پاڪ ڪرڻ لاءِ آرمي جي مڪمل حمايت تي قبائلي اڳاوڻن جو ٿورائتو آهيان هن چيو ته مشهور ڪرڪيٽر شاهد آفريدي جي نالي تي باڙه ۾ ڪرڪيٽ اسٽيڊيم جو سنگ بنياد به رکيو اهو اسٽيڊيم پاڪ فوج جي انجنيئر تعمير ڪندا اسٽيڊيم جي تعمير جو مقصد شاهد آفريدي جي خدمتن جو اعتراف فاٽا ۾ اسپورٽس انفرااسٽريڪچر کي هٿي ڏيڻ ۽ نئين ٽيلنٽ کي موقعو فراهم ڪرڻ آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *