جيڪو چيو ان تي شرمندو آهيان: جاويد لطيف مراد سعيد کان معافي گهري ورتي

اسلام آباد (اين اين آءِ)قومي اسيمبلي ۾ مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ جاويد لطيف قومي اسيمبلي جي لابي ۾ پنهنجن لفظن تي شرمندگي جو اظهار ڪندي معافي گهري آهي ميڊيا رپورٽ موجب قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ جاويد لطيف بنا شرطن جي معافي گهري آهي هن چيو ته ان ڏينهن جيڪو ڪجهه منهنجي زبان مان نڪتو ان تي شرمندو آهيان ۽ مان مراد سعيد جي فيملي کان معافي گهران ٿو. هن چيو ته ڪنهن جي امڙ يا نياڻي جي باري ۾ ڪا به ڳالهه نه ٿيڻ گهرجي ها. مون کي پنهنجي لفظن تي شرمندگي آهي ان موقعي تي قومي اسيمبلي جي ميمبر شاهد گل آفريدي ٻڌايو ته جاويد لطيف ۽ مراد سعيد جي جهيڙي جو معاملو جرڳي حل ڪيو ۽ ٻنهي پارٽين جرڳي تي فيصلي تي اعتماد ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *