جيڪو وياج وٺندو، اهو الله سان پاڻ ڄاڻي، اسان مدرسو کولي وياج ختم نٿا ڪري سگهون: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ، وياج جي نظام جي خاتمي بابت درخواست خارج ڪري ڇڏي آهي، جسٽس سرمد جلال عثماني ريمارڪس ڏنا آهن ته جنهن کي وياج ناهي وٺڻو اهو ڀلي نه وٺي، جيڪو وياج وٺندو، اهو الله سان پاڻ ڄاڻي، اسان مدرسو کولي وياج ختم نٿا ڪري سگهون. جسٽس سرمد جلال عثماني جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ وياج جي نظام جي خاتمي بابت هڪ شهري جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. درخواستگذار جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته سپريم ڪورٽ آئين جي محافظ آهي، عدالت رياست کي وياج جي نظام جي خاتمي لاءِ حڪم جاري ڪري. جسٽس سرمد جلال عثمان ريمارڪس ڏنا ته اسان سپريم ڪورٽ جي ٻاهران مدرسو کولي وياج وٺڻ وارو نظام ختم نٿا ڪري سگهون، جنهن کي وياج ناهي وٺڻو اهو نه وٺي، جيڪو وٺندو، اهو الله سان پاڻ ڄاڻي. عدالت، اهڙي درخواست خارج ڪندي چيو ته رياست کي وياج جي خاتمي بابت ڪيئن ٿو حڪم جاري ڪري سگهجي، ان حوالي سان درخواست اڳ ئي وفاقي شرعي عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *