جيڪو ووٽ جي عزت نه ڪندو اسان ان جي عزت نه ڪنداسين: نواز شريف

ڪوٽ مومن (اين اين آءِ) اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته قوم فيصلو ڪيو آهي جيڪو ووٽ کي عزت نه ڏيندو اسان ان جي عزت نه ڪنداسين، سينيٽ چونڊن ۾ ن ليگ جي اميدوارن کي شينهن جو نشان نه مليو آهي، معاملو ڌانڌلي ڏانهن وڃي رهيو آهي عوام ڌانڌلي کي ناڪام ڪندو، مون خلاف درخواست داخل ڪندڙ عمران خان به چئي رهيو آهي ته عدليا جو فيصلو ڪمزور آهي، مڃون ٿا ته نواز شريف ڪا ڪرپشن ناهي ڪئي، ٺيڪي مان ڪو ئي پيسو ناهي ميڙيو پوءِ ان ئي فيصلي جي بنياد تي صدارت تان به هٽائي ڇڏيو، اڄ وري ملڪ کي پوئتي ڌڪڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، پاڪستان سان پيار ڪندڙ ۽ حق تي قائم رهندڙ انسان آهيان پوئتي هٽڻ وارو نه آهيان، سفر ڪجهه ڏکيو آهي برداشت ڪري رهيو آهيان، مون سان گڏ ٿورو برداشت ڪرڻو پئي ته ڪريو، پاڪستان سان جيڪي ڪجهه ماڻهو ورتاءُ ڪري رهيا آهن انهن کي اسان روڪينداسين، ملڪ کي واپس دڳ تي آڻينداسين، اربع تي هڪ تعزيتي ريفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته ن ليگ جو چونڊ نشان شينهن آهي ۽ اسان جي اميدوارن کي شينهن جو نشان نه پيو ملي هي ڏاڍ ڇو پيو ڪيو وڃي، هن چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ مان مسلم ليگ ن جو صدر هيس، انهن مون کي هٽائي ڇڏيو پر اڄ به مان ڄاڻا ٿو ته اوهان جي نظر ۾ مان ڇا آهيون، نواز شريف چيو ته اوهان نواز شريف کي وزارت عظميٰ جي عهدي تان ڪڍي رهيا آهيو، نواز شريف ڪهڙي ڪرپشن ڪئي هئي، مڃون ٿا ته ڪرپشن ناهي، نواز شريف ڪهڙي ٺيڪي مان پيسا ميڙيا آهن، هن چيو ته نواز شريف ڪا ئي خزاني مان خرد برد ڪئي هئي، اها به مڃي وڃي ٿي ته ڪا خرد برد ناهي ڪئي ته پوءِ ڇو ڪڍيو، چون ٿا ته نواز شريف پٽ کان پگهار نه ورتي، ان کي وزارت عظميٰ جي عهدي تان هٽائي ڇڏيو، نواز شريف چيو ته پاڪستان جي وڏن وڏن وڪيلن چيو آهي ته اهو فيصلو درست نه آهي، هن چيو ته ووٽ کي عزت ڏيڻ گهرجي، جيڪو ووٽ کي عزت نه ڏيندو اسان ان جي عزت نه ڪنداسين، هي قوم فيصلو ڪيو آهي، نواز شريف چيو ته مون وک اڳتي کنئين آهي، اوهان مون سان وک وک سان ملائي هلو، پاڪستان ٻيهر خوشحالي واري دڳ تي آڻينداسين، غريبنکي گهر ڏنا ويندا، گهر جي درواز تي انصاف ڏنو ويندو، پاڪستان اندر هڪ بهترين معاشري اڏيو ويندو، الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان نواز شريف جيڪو واعدو ڪندو آهي اهو ضرور پورو ڪندو آهي. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته شاهد خاقان عباسي ن ليگ جو بهترين ساٿي آهي، شهباز شريف به بهترين ساٿي آهي، سڀ ساڄي کاٻي ويٺل همدرد آهن، ڏوهه انهن جو آهي جن فيصلو ٻڌايو ۽ پاڪستان کي پوئتي هٽائي ڇڏيو. ان موقعي تي نواز شريف چيو ته اوهان منهنجي موقف سان متفق آهي جنهن تي ماڻهن هٿ مٿي کڻي نواز شريف جي حق ۾ نعرا هنيا، هن چيو ته چونڊن دوران هڪ ڀيرو ٻيهر ڪوٽ مومن ضرور ايندس.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *