جيڪو هارجڻ کان ڊڄي اهو نواز شريف بڻجي ويندو آهي: عمران خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته جيڪو هارجڻ کان ڊڄي ويندو آهي اهو نواز شريف بڻجي ويندو آهي، مان جيترا ڀيرا هارايو آهيان پاڪستان جي تاريخ ۾ ايترا ڀيرا ڪير به ناهي هارايو. اسلام آباد ۾ سرگوڌا ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته جيڪو هارجڻ کانپوءِ پاڻ کي سنڀالي نه سگهي ان کي کٽڻ ناهي ايندو، هڪ ٻار پهريون ڀيرو چونڊ وڙهي ۽ 91 هزار ووٽ کنيا، جڏهن ته مان سوچي رهيو هيس ته ڇا اسان ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ چونڊ هارائي آهي؟ لوڌران چونڊ جي شڪست تي ڪارڪنن روئڻ شروع ڪري ڏنو. هن چيو ته مان لوڌران ۾ شڪست کانپوءِ سوچي ورتو آهي ته اڳتي ڇا ڪرڻو آهي، پنهنجي ايندڙ منصوبي لاءِ مون کي 350 نوجوان گهربل آهن، جن کي پي پي 30 تي ننڍي چونڊ لاءِ تياري ڪرائيندس، اڳواڻ لاءِ لازمي آهي ته هو پنهنجي خوف تي قابو ڪري ۽ ڪوڙو ماڻهو ڪڏهن به اڳواڻ نٿو بڻجي سگهي. سندس چوڻ هو ته ميرٽ نه هجي ته بلاول ڀٽو زرداري به پارٽي جو سربراهه بڻجي ويندو آهي، جتي ميرٽ نه هجي اتي نواز شريف جي جاءِ تي مريم نواز ۽ حمزا اچي ويندا آهن، پيءُ اڳواڻ هجي، ان جو مطلب اهو ناهي ته پٽ يا ڌيءُ به اڳواڻ بڻجي وڃي.27

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *