جيڪو صحافي مطيع الله جان سان ٿيو اسان سان به ٿي سگهي ٿو:بلاول ڀٽو زرداري

اسلام آباد (اين اين آءِ) پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري باره ڪهو جي علائقي ۾ صحافين مطيع الله جان جي گهر پهتو ۽ صحافي مطيع الله جان سان ملاقات ڪري ان جي اغوا ۽ تشدد تي مذمت ڪئي پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري مطيع الله جان سان ملاقات ڪري ان سان ٻڌي جو اظهار به ڪيو جمعي/ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 39

 تي ملاقات دوران بلاول ڀٽو زرداري صحافي مطيع الله جان کي اغوا ڪندڙن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ جي گهر به ڪئي بلاول ڀٽو زرداري سان صحافي مطيع الله جان جي اغوا تي ترت آواز اٿارڻ جي حوالي سان ٿورا مڃيا چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي صحافي مطيع الله جان سينسر شپ ۽ صحافين جي بيروزگاري جي حوالي کان آگاهه ڪيو بلاول ڀٽو زرداري سان صحافين مطيع الله جان سميت صحافي عمر چيم ۽ صحافي اعجاز سيد به ملاقات ڪئي بلاول سان گڏ فرحت الله بابر ۽ سينيٽر مصطفيٰ نواز کوکر به صحافي مطيع الله جان سان ملاقات بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جيڪو صحافي حڪومت تي تنقيد ڪري ان کي نوڪري مان ڪڍي ڇڏڻ افسوس جوڳو عمل آهي هاڻي ته هي فاشسٽ حڪومت ويب چينلز تي حڪومتي نااهلي کي وائکو ڪندڙ صحافين کي برداشت نه پئي ڪري پي ٽي آءِ جي حڪومت ايتري ڪمزور آهي جو ڪنهن به صحافي پاران هڪ تنقيد واري ٽوئٽ سان به ڊڄي وڃي ٿي مون کي اندازو آهي ته هن وقت ڪوٽ بيٽ رپورٽرز وڌيڪ حڪومتي دٻاءُ جو شڪار آهن بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي هر دور ۾ ميڊيا جي آزادي لاءِ وڙهي آهي پ پ پ چيئرمين چيو ته پاڪستان جي ميڊيا ورڪرز کي اسان ڪنهن به حالت ۾ اڪيلو نه ڇڏينداسين.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *