جيڪو به وزير ڊليور نه ڪندو ان کي جواب ته ڏيڻو پوندو: شبلي فراز

اسلام آباد (اين اين آءِ) سڌسماءِ جي وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز واضح ڪيو آهي ته جيڪو به وزير ڊليور نه ڪندو ان کي جواب ته ڏيڻو پوندو حڪومت مستحڪم ٿي رهي آهي ڪجهه ايم اين ايز جي شڪايتن کي مجموعي شڪايتن جي طور تي نٿو ڏسي سگهي ڪرونا وائرس جي ڪري ڪجهه شين ۾ دير ٿي رهي آهي ايندڙ 6 مهينن ۾ جڏهن سمورا ريفارمز منظر تي ايندا ته سڀني جون شڪايتون ختم ٿي وينديون هڪ انٽرويو ۾ وفاقي وزير چيو ته ڪابينه ۾ اختلاف به ميرٽ جي بنياد تي ٿين ٿا هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته وزيراعظم ڇهن مهينن جي ڊيڊ لائين پروجيڪٽس متعلق ڏني هئي ڇهن مهينن جو مطلب اهو اهي ته اسان مڊترم ۾ پهچي وينداسين هن چيو ته ڪابينه اجلاس ۾ وزيراعظم هر هڪ کي ٻڌي ٿو هن دعويٰ ڪئي ته حڪومت بهتر نموني سان ڪم ڪري رهي آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *