جيڪولين هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي ئي ديس جي فلم ۾ ڪم ڪندي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا جيڪولين فرنينڊس جنهن جو تعلق سريلنڪا سان آهي هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي ئي ديس جي فلم ۾ ڪم ڪندي. اداڪارا ان کان اڳ فلم ”اڪارڊنگ ٽو ميٿيوز“ ذريعي سريلنڪن فلم انڊسٽريءَ ۾ ڊيبيو ڪري چڪي آهي ۽ هاڻي خبرون آهن ته اداڪارا هڪ ڀيرو ٻيهر ”اڪارڊنگ ٽو ميٿيوز“ جي هدايتڪار چندران رتنم سان ڪم ڪندي. هدايتڪار چندران رتنم جو چوڻ هو ته کيس جيڪولين جي اداڪاري ايتري قدر وڻي وئي آهي جو کيس هڪ ڀيرو ٻيهر کيس پنهنجي ايندڙ فلم جي لاءِ چونڊيو آهي. واضح رهي ته فلم ”اڪارڊنگ ٽو ميٿيوز“ هن سال رليز ڪرڻ جا امڪان آهن ۽ ان جي رليز کان پهريان هدايتڪار جيڪولين کي اڳين فلم جي لاءِ سائن ڪري ورتو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *