جيڪولين فرنينڊس فلم جڙوان 2 ۾ ورون ڌون جي هيروئن بڻبي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره جيڪولين فرنينڊس هدايتڪار ساجد ناديه والا جي نئين فلم جڙوان 2 ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ورون ڌون جي هيروئن بڻبي، ڀارتي ميڊيا مطابق جيڪولين فرنينڊس جيڪا فلم ڊي شوم ۾ ورون ڌون جي هيروئن بڻجي چڪي آهي، هاڻي نئين ايندڙ فلم جڙوان 2 ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ورون ڌون سان گڏ اداڪاري جا جلوه ڏيکاريندي، فلم جي عڪسبندي جلد شروع ٿيندي، اها فلم 1997ع جي سپر هٽ فلم ”جڙوان“ جي سيڪوئل فلم هوندي، جنهن ۾ مرڪزي ڪردار سلمان خان نڀائيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *