جيڪولن فريننڊس جا نخرا آسمانن سان ڳالهيون ڪرڻ لڳا

ممبئي(شوبز نيوز)جيڪولن فريننڊس جا نخرا ۽ ناز هيٺ لهڻ جو نالو ئي نه ٿا وٺن. دبئي ۾ رڳو 3 منٽن جي پرفارمنس ڪرڻ جا 75 لک رپيا وصول ڪيا. لڳي ائين ٿو ته جيڪولن پنهنجي ٻنهي هٿن سان ٽجوڙيون ڀرڻ چاهي ٿي. دبئي ۾ پرفارمنس ڪرڻ جي پيشڪش ٿي ته رڳو 3 منٽن جي انٽري فيس 75 لک رپيا گهري ورتا. سريلنڪن بيوٽي گذريل ڪجهه ڏينهن پهرين هڪ شادي جي تقريب ۾ پنهنجو ڊانس ڏيکارڻ لاءِ چار ڪروڙ رپيا وصول ڪيا هئا. هاڻي دبئي ۾ عرب انڊو بالي ووڊ ايوارڊ تقريب لاءِ جڏهن هن سان رابطو ڪيو ويو ته هن منهن سان 75 لک رپيا وصول ڪيا. مزي واري ڳالهه وري اها آهي ته جيڪولن فرينڊس صرف 3 منٽن جا اهي پئسا ورتا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *