جيڪب آباد ۾ ڪارنهن جي تهمت هڻي نوجوان ۽ ناري قتل، جوابدار فرار

جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد ۾ ڪارنهن جي تهمت ۾ ٻٽو قتل ٿيو آهي. مولا داد ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ نواز علي مغيري ۾ هٿياربندن نوجوان سُڌير مغيري ۽ ناري اميران زال محمد رفيق لاشاري کي قتل ڪري ڇڏيو. فائرنگ بعد جوابدار فرار ٿي ويا. مقتول نوجوان جي وارثن الزام هنيو آهي ته سُڌير کي لاشاري برادري سان واسطو رکندڙ هٿياربندن ڪارنهن جي الزام ۾ قتل ڪيو آهي. نوجوان ۽ ناري جا لاش سول اسپتال جيڪب آباد نيا ويا، جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا. علائقي ۾ چئوٻول آهن ته نوجوان لاشاري برادري جي ماڻهن وٽ هارپو ڪندو هو، ناري جا مائٽ کيس گهر اچڻ کان روڪيندا هئا. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو ڪارنهن معاملي تان پيش آيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *