جيڪب آباد ۾ مارفاڻي – قمبراڻي برادري جي ٻن ڌُرين ۾ پُراڻو تڪرار ڀڙڪي پيو، واٽهڙو سوڌو 2 ڄڻا قتل

جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد ۾ مارفاڻي – قمبراڻي برادري جي ٻن ڌُرين ۾ پُراڻي تڪرار تان واٽهڙو سوڌو 2 ڄڻا قتل ٿي ويا. سٽي ٿاڻي جي حد ۾ موٽر سوار هٿياربند بس اڏي ڀرسان انڌاڌنڌ فائرنگ ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا. فائرنگ جي نتيجي ۾ ميراڻ قمبراڻي مارجي ويو، جڏهن ته واٽهڙو دڪاندار خان چند زخمي ٿي پيو، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال نيو پئي ويو ته رستي تي ئي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، جنهن کانپوءِ واقعي ۾ مارجي ويلن جو انگ 2 ٿي ويو. علائقي واسين جو چوڻ آهي ته خان چند دُڪان تي ويٺل هو، جيڪو ٻاهر نڪتو ته هٿياربندن جي فائرنگ ۾ کيس گولي لڳي وئي. ڄاڻ ملڻ باوجود پوليس هٿياربندن پويان نه وئي ۽ ٿاڻي تائين محدود رهي. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو مارفاڻي ۽ قمبراڻي برادري جي ٻن ڌُرين ۾ پُراڻي خوني تڪرار جو نتيجو آهي، جنهن جي وڪڙ ۾ هڪ هندو دڪاندار به اچي ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *