جيڪب آباد: ڪارنهن الزام هيٺ مڙس ڪهاڙيون هڻي زال ماري وڌي، گرفتار

جيڪب آباد(ڊ.ر) جيڪب آباد ويجهو دلمراد ٿاڻي جي حد ڳوٺ سلطان گبول ۾ جوابدار مڙس فقير محمد عرف سليمان ولد جند وڏو گبول پنهنجي 35 ورهين جي زال شمشاد اڄڻ کي نوجوان آچر بروهي سان ڪارنهن الزام هيٺ ڪهاڙين جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ڪارنهن هيٺ آيل نوجوان آچر بروهي جان بچائي فرار ٿي ويو، هوڏانهن اطلاع تي حد جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي جوابدار فقير محمد عرف سليمان کي واقع ۾ استعمال ڪندڙ ڪهاڙي سميت گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو ۽ مقتولڻ عورت جو لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال جيڪب آباد پهچائي ڇڏيو واضع رهي ته مقتول عورت جو مڙهه رات 2 وڳي کان پوسٽ مارٽم لاءِ ليڊي ڊاڪٽر جي انتظار ۾گذريل 10 ڪلاڪن کان  پيل آهي پر ليڊي ڊاڪٽر ڪو نه پهچي سگهي. پوليس جو چوڻ هو ته شروعاتي جاچ موجب واقعو غيرت جي نانءُ تي پيش آيو آهي جوابدار گرفتار آهي وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون جڏهن ته هن مهل تائين ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *