جيڪب آباد کان ڪوئيٽا ويندڙ ڪار تي فائرنگ، 5 ٻارن سميت 6 ڄڻا مارجي ويا

جيڪب آباد (ڊ ر) جيڪب آباد کان ڪوئيٽا ويندڙ ڪار تي نامعلوم ماڻهن جي فائرنگ ۾ 5 ٻارڙن سميت 6 ڄڻا مارجي ويا آهن. ڪار ۾ ايس ڊي او لوڪل گورنمينٽ نصير منهاج عمراڻي ۽ مشتاق عمراڻي جا گهر ڀاتي سوار هئا.ڪار جڏهن سبي مٺي جي ڀرسان پهتي ته اُتي پهريان موجود نامعلوم هٿياربندن فائرنگ ڪئي جنهن ۾ منهاج عمراڻي سميت 6 ڄڻا مارجي ويا ۽ 3 عورتون سخت زخمي ٿي پيون. مارجي ويلن 5 ٻارڙا به شامل آهن. واقعي ۾ مارجي ويلن جي لاشن کي ليويز جي گاڏي ۾ جڏهن ته زخمين کي ايڌي ايمبولينس ذريعي ڊسٽرڪٽ اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي کين طبي امداد ڏني وئي، واقعي کانپوءِ جوابدار فرار ٿي ويا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *