جيڪب آباد جي ليڊي ڊاڪٽر. سندس 9 گھر ڀاتين سميت 10 ڄڻن ۾ ڪورونا جي تصديق

جيڪب آباد (م.ڊ                     ) جيڪب آباد جي ليڊي ڊاڪٽر کي ڪورونا وائرس جي تصديق بعد سندن 9 گھر ڀاتين سميت 10 ڄڻن جا ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو اچي ويا آهن. جيڪب آباد جي سول اسپتال جي جنرل او پي ڊي ۾ ڊيوٽي ڪندڙ ليڊي ڊاڪٽر کي ٽي ڏينهن اڳ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي ھئي. جنھن کان پوءِ صحت کاتي جي ٽيم گھر پھچي 9 گھر ڀاتين سميت 10 ڄڻن جا ڪورونا ٽيسٽ لاءِ نمونا وٺي گمس اماڻيا ويا ھئا. جنهن جي رپورٽ اچڻ بعد 10 ڄڻن ۾ ڪورونا /ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 56

جي تصديق ٿي وئي آهي. ڊي ايڇ او جيڪب آباد موجب ليڊي ڊاڪٽر جي گھر ڀاتين سميت ھڪ ميل ڊاڪٽر جي رپورٽ پازيٽو اچي وئي آهي.کين گھرن ۾ آئسوليٽ ڪيو ويو آهي. اعليٰ اختيارين سان رابطي بعد قدم کنيا ويندا ياد رھي ته ليڊي ڊاڪٽر کي 3 ڏينهن اڳ ڪورونا جي تصديق ٿي ھئي. جنھن کانپوءِ صحت کاتي جي ٽيم 26 اپريل تي سندس گھر ڀاتين سميت 10 ڄڻن جا نمونا ورتا ھئا.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *