جيل ۾ پنهنجي ڀاءُ کان لائن وٺي يا پنهنجي دل جي ٻڌي. شهباز شريف ذهني مونجهاري جو شڪار آهي: فردوس عاشق

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات جي خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته شهبازشريف صاحب ڪنفيزن جو شڪار آهي مفاهمت جي ڳالهه ڪري رهيو آهي ته ان جي پنهنجي سياسي انتهاپسند ان جي پيرن جون زنجيرون بڻجي وڃن ٿا هڪ پاسي ميثاق معيشت جي پيش ڪش ۽ ٻئي طرف حڪومت نه هلائڻ جي جذباني ڌمڪي ڏيئي رهيو آهي نااهل ليگ جو ڪوبه بيان هڪ نه آهي صرف ۽ صرف ذاتي ڪاروباري مفاد آهن خميس واري ڏينهن ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ پنهنجي ٽوئٽ ۾ چيو ته شهبازشريف مفاهمت جي ڳالهه ڪري ٿو ته ان جا پنهنجا ئي سياسي انتهاپسند ان جي پنهنجي ئي پيرن جي زنجير بڻجي وڃن ٿا. هن چيو ته شهبازشريف جي ذهني ڪشمڪش جو ثبوت ان جو خطاب آهي هن چيو ته ان کي سمجهه ۾ ڳالهه نٿي اچي ته هو جيل ۾ پنهنجي ڀاءُ کان لائين وٺي يا وري پنهنجي دل جي ٻڌي هن چيو ته نااهل ليگ جو ڪوبه بيان صحيح نه آهي صرف ۽ صرف ذاتي ڪاروباري مفاد آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *