جيل وڃڻ لاءِ تيار آهيان، ڪارڪن سان گڏجي وڙهنداسين: عمران خان

اسلام آباد (اين اين آءِ) پي ٽي آءِ جي اڳواڻ عمران خان چيو آهي ته ڪارڪنن جي گرفتاري تي سپريم ڪورٽ پاڻمرادو نوٽيس وٺي گرفتاريون نه پر ڪارڪنن کي اغوا ڪيو پيو وڃي آصف علي زرداري منافق نه آهي شريف ڀائر منافق آهن 2018 تمام پري آهي ان کان اڳ گهڻو ڪجهه ٿيڻ وارو آهي. ڪارڪن تيار آهن اسان گڏجي وڙهنداسين نوازشريف جي جمهوريت کان پرويز مشرف جي آمريت بهتر هئي پهرين نمبر تي منهنجو سپريم ڪورٽ وڃڻ جو ارادو آهي سومر تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته اهي گرفتاري نه پر اغوا آهي ماڻهن جي جمهوري حق تي ڌاڙو هنيو پيو وڃي ماڻهن کي گهرن مان ڪهڙي قانون تحت کنيو پيو وڃي هن چيو ته نوازشريف کي نه جمهوريت سمجهڻ اچي ٿي ۽ نه ئي هو جمهوريت چاهي ٿو هن چيو ته ان لاءِ اها جمهوريت آهي ته ڌانڌلي ڪيو اقتدار ۾ اچو ملڪ کي لٽيو پئسو ٺاهيو ۽ پئسو ٻاهر موڪليو ڇو ته ان جا ٻار ٻاهر ويٺا آهن ۽ ڪاروبار به ٻاهر آهي هن چيو ته جڏهن به ان جي ڪرپشن تي ڳالهه ڪئي وڃي ته چوي ٿو ته جمهوريت سي پيڪ ۽ ترقي کي خطرو لاحق ٿي ويو آهي عمران خان چيو ته ڪنهن آمر ايتر ظلم ڪيو جيترو هي حڪومت ڪري رهي آهي ماڻهن جي گهرن جا دروازا ٽوڙي انهن کي کنيو پيو وڃي اڳوڻي صدر آصف زرداري جي حوالي سان هن چيو ته آصف زرداري منافق نه هو هن ڪڏهن به نه چيو ته قوم جو پئسو واپس آڻينداسين پر هي ٻئي ڀائر منافق آهن هن چيو ته نيب ۽ ايف بي آر ۾ پنهنجي مرضي جا اڳواڻ مقرر ڪيا ته جيئن اها انهن کي پڪڙي نه سگهي. سپريم ڪورٽ ۾ پانامه ليڪس جي حوالي سان ڪيس جي ٻڌڻي بابت عمران خان چيو ته پهرين نومبر تي سپريم ڪورٽ وڃڻ جو ارادو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته منهنجي ڀيڻ ۽ ان جا ٻارڙا آيل آهن جيڪي منهنجا ٻچا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *