جيلن ۾ رکڻ جو شوق ناهي، قوم جو لٽيل پئسو واپس ڪريو: وفاقي سرڪار

اسلام آباد (م.ڊ) وزيراعظم جي خصوصي معاون شهزاد اڪبر چيو آهي ته شهباز شريف جي اثاثن ۾ 10 سالن دوران 70 سيڪڙو اضافو ٿيو، قوم جو لٽيل پئسو واپس ڪريو، اسان کي جيلن ۾ رکڻ جو شوق نه آهي.  اسلام آباد ۾ وفاقي وزير مراد سعيد سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي وزيراعظم جي خصوصي معاون چيو ته شهباز شريف طرفان لنڊن ۾ ڪيل نيوز ڪانفرنس ٺُس ٿي وئي، هڪ هن پائي جي ڪرپشن ثابت ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، پر هتي ته اربين رُپين جي ڪرپشن ٿي آهي. شهزاد اڪبر چيو ته نيب جي جاچ موجب شهباز شريف جي اثاثن ۾ 10 سال دوران 70 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، سلمان شهباز جي اثاثن ۾ هڪ هزار ڀيرا اضافو ٿيو ۽ حمزه شهباز جي اثاثن ۾ ته هوش خطا ڪندڙ اضافو ٿيو آهي. سلمان شهباز ڀاڳيلو آهي ۽ سندس ملڪيتون ضبط ڪرڻ وارو عمل شروع ٿي چڪو آهي. احتساب بابت وزيراعظم جي خصوصي معاون شهزاد اڪبر جو چوڻ هو ته جعلي ٽي ٽيز ذريعي معصوم ماڻهن جي نالن تي ٻاهران پئسا آيا ۽ 32 ڪمپنيز ٺاهيون ويون، ڪاغذي ڪمپنين ذريعي اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته سڀ ڪجهه ڊڪليئر ٿيل آهي. هُڻ چيو ته ايندڙ ڏينهن ۾ مختلف ڪمپنيز جا ڪارناما به بيان ڪندو. جعيل ٽي ٽيز ذريعي 32-32 جعلي ڪمپنيز ٺاهيون ويون، اهو ڪاروبار 200 کان وڌيڪ ٽي ٽيز جي رقم مان شروع ڪيو ويو. پريس ڪانفرنس دوران شهزاد اڪبر چيو ته ملڪ جو لُٽيل ناڻو واپس ڪريو، اسان کي ماڻهن کي جيلن ۾ رکڻ جو ڪوبه شوق نه آهي، شهباز شريف وڏيون دعوائون ڪيون ته پنجاب ۾ ڪرپشن جا الزام لڳائڻ تي ڊيلي ميل خلاف عدالت ۾ ويندو، هُو عدالت ته ويو ئي ڪونه، پر ڊيلي ميل جي رپورٽ جو جواب به اڃا تائين نه ڏنو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *