جيستائين عمران خان جهڙا تجربا ٿيندا رهندا، پاڪستان ترقي نٿو ڪري سگهي: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي (اين اين آءِ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ملڪ ۾ جيستائين عمران خان جهڙا تجربا ٿيندا رهندا پاڪستان ترقي نٿو ڪري سگهي، پي ٽي آءِ جا حڪمران ملڪ کي ٻنهي هٿن سان لٽي رهيا آهن، مسلسل ڪوڙ ۽ غلط بياني سان عمران خان معاشي تباهي کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، ڪڪڙين، آنن، مينهن ۽ پاڏن جي مارڪيٽن سان ملڪي معيشت بهتر نٿي ٿي سگهي پنهنجي بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته فيڪس آمدني وڌيڪ ڏيکارڻ لاءِ پراڻي آدمشماري جا انگ اکر استعمال ڪيا. عمران خان جي ايمانداري جو ڪوڙو تاثر قائم ڪيو ويو، سچ اهو آهي ته پي ٽي آءِ جي اشرافيه ملڪ کي ٻنهي هٿن سان لٽي رهي آهي، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هڪ زرعي ملڪ جي صرف غذائي جنسن جي درامدي بل ۾ 53 سيڪڙو تائين واڌ حڪومتي معاشي ڪارڪردگي تي هڪ چماٽ آهي، عمران خان عوام سان اڄ تائين جيترا واعدا ۽ دعويٰ ڪئي ڪا هڪ به پوري نه ڪري سگهيو عمران خان 90 ڏينهن ۾ ملڪ جي معيشت ٺيڪ ڪرڻ لاءِ چيو اڄ هڪ هزار 11هون ڏينهن آهي ملڪ جي معيشت ڪڏهن ٺيڪ ٿيندي عمران خان مهانگائي جي سونامي جي تباهي جو شڪار عوام جي سامهون سرندر ڪري ڪوڙي دعويٰ ڪرڻ تي معافي وٺي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *