جيستائين سمورن ميمبرا ميمبر حاضر نٿا ٿين رضاڪاراڻي طور تي اجلاس ۾ نه ايندس : شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد (اين اين آءِ) اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سمورن ميمبرن جا پروڊيشن آرڊر جاري نه ٿيڻ تي قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت کان ٻيهر انڪار ڪري ڇڏيو هڪ بيان ۾ اڳوڻي وزيراعظم چيو ته حڪومت اسپيڪر تي دٻاءُ وجهي رهي آهي اسپيڪر جي عهدي جي عزت جي حفاظت لاءِ اجلاس ۾ شرڪت نه ڪندس هن چيو ته جيستائين سمورن ميمبرا ميمبر حاضر نٿا ٿين رضاڪاراڻي طور تي اجلاس ۾ نه ايندس اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي سينيئر اڳواڻ قومي اسيمبلي اسپيڪر اسد قيصر کي لکيل خط ۾ چيو ته اوهان کي 4 هفتا اڳ خط لکي پروڊيڪشن آرڊر جاري ٿيڻ بابت اوهان جي ذميواري ياد ڏياري هئي اوهان کي ياد ڏياريو هو ته قومي اسيمبلي جي قيدي ميمبرن کي ايوان ۾ اچڻ تي پابند ڪيو شاهد خاقان عباسي اسپيڪر کي خط ۾ افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته هن وقت تائين اوهان پاران ڪوئي جواب ناهي آيو صدر جي خطاب جي موقعي تي به پارليمان جي گڏيل اجلاس ۾ ميمبرن جي شرڪت لاءِ حڪم جاري ناهي ڪيو ويو قومي اسيمبلي جي هلندڙ اجلاس لاءِ به پروڊيڪشن آرڊر جاري ناهن ٿيا هڪ دفعو ٻيهر خط لکي اوهان کي اوهان جي آئيني ۽ پارليماني ذميواري ياد ڏياري رهيو آهيان اڳوڻي وزيراعظم مطابق پروڊيڪشن آرڊر جاري نه ڪري اوهان پارليماني روايتن ۽ جمهوريت جي بنيادي اصولن جي خلاف ورزي ڪري رهيا آهيو ميمبرن کي ايوان تائين پهچ نه ڏيڻ امتيازي رويو آهي ايوان جي محافظ طور اوهان ڌر نٿا بڻجي سگهو ايوان جي بالادستي جي حفاظت لاءِ پروڊيڪشن آرڊر جاري ٿيڻ لازم آهي حڪومت جو اسپيڪر تي دٻاءُ آهي ته هو پروڊيڪشن آرڊر جاري نه ڪري.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *