جيئڻ مرڻ پاڪستان سان گڏ آهي، ڀارت وڃڻ جو ڪو به ارادو ناهي: وينا ملڪ

ممبئي (شوبز نيوز) ناليواري اداڪاره وينا ملڪ چيو آهي ته سندس ڀارت وڃي ڪم ڪرڻ جو ڪو ارادو ناهي، سندس جيئڻ ۽ مرڻ پاڪستان سان گڏ آهي، ٽن سالن کان پوءِ ملڪ واپسي کان پوءِ پنهنجي هڪ تازي انٽرويو ۾ وينا ملڪ چيو ته هو پنهنجي ايڪٽنگ ڪيريئر کي ٻيهر شروع ڪرڻ جي خواهش رکي ٿي پر هن ڀيري هو ان جي شروعات ڊرامي سان ڪرڻ چاهيندي. هن ٻڌايو ته هن وٽ ان لاءِ آفرز آهن. ذريعن مطابق وينا ملڪ هن ڀيري پنهنجي فلم پروڊڪٽ ڪمپني ٺاهڻ جي ارادي سان پاڪستان آئي آهي، پر هوءَ ان بابت ڪا ڳالهه سامهون نه آڻيندي. وينا ملڪ هڪ ٽي وي پروگرام جي ميزباني پڻ شروع ڪري ڇڏي آهي. وينا ٻڌايو ته هو پشاور سانحي جي شهيدن جي اعزاز ۾ هڪ نئون گانو پڻ تيار ڪرڻ جي سوچ رکي ٿي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *