جيئن ڪالا باغ ڊيم نه ٺهيو، تيئن سنڌ ۾ ڪو ٻيو صوبو نه ٺهندو: نثار کهڙو

لاڙڪاڻو(بيورو ) سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير تعليم نثار احمد کهڙو چيو آهي ته 1973ع جي آئين ۾ چار صوبا لکيل آهي ۽ انهن جي ضمانت ڏنل آهي ته ٻيا صوبا نه ٺهندا. جيئن ڪالا باغ ڊيم نه ٺهيو، ائين سنڌ ۾ ڪو ٻيو صوبو نه ٺهندو. ڌرڻي وارن پنهنجي سياسي شڪست تسليم ڪئي آهي. آمر ۽ ڌاڙو هڻندڙن جا رستا روڪڻ لاءِ جمهوريت ئي حل آهي. چونڊن ۾ سڌارا آڻي اڳتي وڌنداسين. اهڙو اظهار هن ڪالهه لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ صحافين سان ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ٻيا صوبا ٺاهڻا آهن ته آبادي ۽ پارٽي جي منظور ۾ آڻي بعد ۾ ان کي صوبائي ۽ قومي اسيمبلي ۾ بحث لاءِ موڪلي سگهجي ٿو. هن چيو ته ڪراچي ۾ استادن جي ڀرتي لاءِ 15 سو خالي جايون هيون، جنهن تي آفيسرن ڪرپشن ڪري 13 هزار ڀرتيون ڪيون. انهن آفيسرن کي معطل ڪيو ويو پر بعد ۾ ڪورٽ مان اسٽي آرڊر وٺي آيا. پر انهن کي پوسٽنگ ناهي ڏني وئي. ڪورٽ جو فيصلو اڃان نه آيو آهي. هن چيو ته ڌرڻي هڻندڙن پنهنجي شڪست تسيلم ڪئي آهي ۽ مولانا طاهر القادري ٻاهر هليو ويو آهي. ڌرڻا سياست ختم ٿي چڪي آهي. هن چيو ته اسان جي مٿان ڪرپشن جا الزام هڻندڙ کي سندن مٿان لڳل الزام نظر نه ٿا اچن. ڪرپشن جي خاتمي لاءِ نيب، ڪورٽ ۽ ٻيا ادارموجود آهن.پي ٽي آءِ هڪ پاسي قومي اسيمبلي تي عدم اعتماد ڪري استيعفيٰ ڏيڻ ۽ ان ئي اسيمبلي ۾ اچي تقريرون ڪري ٿي ته ٻئِي پاسي ڪي پي ڪي اسيمبلي ۾ استعفيائون نه ڏيڻ پڻ اخلاقي ڪرپشن آهي. هن چيو ته نئون پاڪستان ٺاهڻ وارن صوبائي خودمختياري هئڻ باوجود پنهنجي صوبي ۾ مڪاني چونڊون وساري ڇڏيون آهن. پنجاب ان حوالي سان قانون ئي نه ٺاهيو آهي. سنڌ حڪومت لوڪل گورنمينٽ جو قانون جوڙيو ۽ اسيمبلي مان پاس ڪرايو ۽ اسان وقت تي چونڊون ڪرائڻ چاهيون پيا، پر ايم ڪيو ايم ڪورٽ ۾ هلي وئي. هن چيو ته ارباب غلام رحيم دور ۾ سندس هڪ ڳوٺ ۾ عوامي پئسن خرچ ڪري 84 اسڪول ڏيکاريا ويا. پر اهي آبادي ئي ڏسڻ ۾ نه ٿي اچي. هن چيو ته جيڪڏهن عدليه ۾ آسرو هجي ها ته مان ضرور ڪيس داخل ڪريان ها. هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو آمريت آڏو کوڏا نه کوڙي اسان کي جمهوريت ڏئي جمهوري رستا سيکاريا، بيگم نصرت ڀٽو جو جمهوريت لاءِ ادا ڪيل ڪردار وساري نه ٿو سگهجي، آمريت واري دور ۾ حق وٺڻ جي همت نه هئي. هن ايم آر ڊي جي تحريڪ هلائي عوام جو آواز بلند ڪيو. شهيد بينظير ڀٽو اسلامي دنيا جي پهرين جمهوري وزير اعظم عورت بڻي، جنهن تي اسان کي فخر آهي. هن چيو ته آمر ڪيترائي ڀيرا اقتدار تي قبضو ڪري ويٺا پر شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي آئين کي ختم نه ڪري سگهيا. اسان اهڙي جمهوري نظآم کي لاڳو ڪرائي ان جي عزت ڪرائي آهي. پاڪستان جي 66 سالن جي عمر ۾ پهريون ڀيرو هڪ سول حڪومت ٻئي سول حڪومت کي پر امن طريقي سان اقتدار منقتل ڪيو. جنهن کي دنيا ۾ ساراهيو ويو ۽ اسان ڪنڌ کڻڻ جهڙا ٿياسين. هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته شاهه محمود قريشي، جماعت اسلامي جي امير مولانا سراج الحق لاڙڪاڻي اچي پنهنجا جلسا ڪيا ۽ عمران خان به بنا خوف اچي. اسان اهڙا بي ظرف نه آهيون. هن چيو ته شهيد بينظير ڀٽو جي قتل ڪيس تان هٿ ڪيئن ٿا کڻي سگهون. ڪيس جي پوئواري ٿي رهي آهي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو ريفرنس موڪليو هيوسين، پر ان تي سپريم ڪورٽ ڇو خاموش آهي. قتل ڪندڙ هن وقت به ويٺا آهن ۽ ڪورٽ هڪ جملي جا ريمارڪس به نه ڏنا. هن هڪ سوال جي هن چيو ته سنڌ جي وڏ وزارت تبديل نه پئي ٿئي. باقي ڪابينا ۾ ردوبدل ٿي سگهي ٿي. ترقي بهتري لاءِ آخري حد نه آهي. لاڙڪاڻو بهتر ٿيڻ گهرجي. نساسڪ جي ڪارڪردگي زيرو آهي.جيڪڏهن ان ڪارڪردگي بهتر نه ڪئي ته ماڻهو آفيسن جو گهيراءُ ڪندا. ڊپٽي ڪمشنر ۽ ڪمشنر ڪم نه ٿو ڪري ته ان تي نظر رکڻ گهرجي. هن چيو ته اڪيلي سر حڪمراني جو ذهن ۾ به نه رکيو آهي. سڀني کي گڏجي ويهي ملڪ جي بهتري لاءِ بهتر فيصلا ڪرڻ کپن ۽ اسان اهي ڪري ڏيکارياسين. هن چيو ته پاڪستان جي سياست جون پاڙون اڃان مضبوط نه آهن. ان کي چونڊ سڌارن ذريعي ئي مضبوط بڻايو ويندو. هن چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي جمهوريت جي بقا لاءِ اسڪولن ۾ مشاعرا، تقريرون ۽ ڪوئز ڪامپيٽيشن لاءِ هفتو ملهايو ويندو.ا

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *