جوڊيشل ڪميشن لاءِ فوجي عدالتن وانگر اتفاق راءِ پيدا ڪرڻي پوندي: احسن اقبال

اسلام آباد (بيورو) منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته انتظامي غلطين کي ڌانڌلي نه ٿو چئي سگهجي تحريڪ انصاف جي شرطن تي جوڊيشل ڪميشن بڻائڻ لاءِ فوجي عدالتن وانگر اتفاق راءِ پيد اڪرڻو پوندو، اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي احسن اقبال جو چوڻ هو ته حڪومت ڌانڌلي جي جاچ لاءِ جوڊيشل ڪميشن بڻائڻ لاءِ تيار آهي جڏهن ته تحريڪ انصاف جي ٽرمز آف ريفرنس تي ڪميشن جوڙن جي آئين ۽ قانون اجازت نه ٿو ڏئي هن چيو ته پرزائيڊنگ آفيسر جو ٺپو نه لڳائڻ جي ذميوار ن ليگ تي وجهڻ غلط آهي، اين اي 122 ۾ بغير ٺپن وارا ووٽ عمران خان جا گهڻا آهن، احسن اقبال جو چوڻ هو ته سمورن مدرسن جو احترام ڪريون ٿا 99 سيڪڙو مدرسا دين جي خدمت ڪري رهيا آهن اهو تاثر غلط آهي ته حڪومت مدرسن خلاف آپريشن ڪندي  آپريشن انتهاپسندي خلاف ٿيندو چاهي اها يونيورسٽي هجي يا مدرسو، وفاقي وزير پئٽرول بحران سبب عوام کي پيش ايندڙ مشڪلاتن تي ڏک جو اظهار ڪيو ۽ ان کي نظام جي ڪمزوري قرار ڏنو احسن اقبال چيو ته ڪوشش ڪنداسين ته ترقياتي بجيٽ تي ڪٽ نه لڳڻ ڏيون ملڪ ۾ تعليمي نصاب کي جديد بڻائڻ لاءِ ڪم شروع ڪيو ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *