جوڊيشل ڪمشن جو اجلاس، اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري بيان قلمبند ڪرائي ڇڏيو

اسلام آباد(بيورو) اليشڪن ڪميشن آف پاڪستان جي سيڪريٽري بابر يعقوب عام چونڊن ۾ مبينه ڌانڌلين جي جاچ لاءِ قائم عدالتي ڪميشن آڏو سومر ڏينهن پنهنجو بيان قلمبند ڪرايو. چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ناصر الملڪ جي سربراهيءَ ۾ قائم ٽه رڪني جاچ ڪميشن 2013ع جي عام چونڊن ۾ مبينه ڌانڌلين جي حوالي سان جاچ جي سلسلي ۾ سومر ڏينهن پنهنجي ڪارروائي جاري رکي. عدالتي ڪميشن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي وڪيل عبدالحفيظ پيرزادي چيو ته پي ٽي آءِ فارم 14 ۽ 15 فراهم ڪرڻ لاءِ درخواست ڏني هئي پر اهو عوامي دستاويز هجڻ جي باوجود اڃا تائين فراهم نه ڪيو ويو آهي. اليڪشن ڪميشن جي وڪيل سلمان اڪرم راجه چيو ته ڪميشن رٽرننگ آفيسرن کي هدايت ڪئي هئي ته فارم 15 فراهم ڪيو وڃي ۽ ڪميشن فارم 15 وصول ڪرڻ بعد پنهنجو جواب داخل ڪرائيندي. ڪميشن جي ميمبر جسٽس امير هاني مسلم چيو ته ڪهڙ قانون تحت رٽرننگ آفيسرن واڌو بيلٽ پيپرز پاڻ وٽ رکيا. ڪميشن اليڪشن ڪميشن کي هدايت ڪئي ته فارم 15 بابت اڱاري ڏينهن (اڄ) تائين جواب داخل ڪرايو وڃي. پي ٽي آءِ جي وڪيل حفيظ پيرزادي چيو ته اليڪشن ڪميشن اعتراف ڪري چڪي آهي ته ان وٽ سمورو چونڊ ريڪارڊ موجود آهي. هن چيو ته بيلٽ پيپرز جو تعداد ٽيڻ تي وڌايو ويو هو، اهو ضروري هوندو آهي ته واڌو بيلٽ پيپرز جو استعمال فارم 15 تي نوٽيس بورڊ تي لڳائڻو هوندو آهي. هن چيو ته گواهن کان آڏي پڇا لاءِ فارم 15 هجڻ ضروري آهي. جسٽس امير هاني مسلم چيو ته چونڊن جو سمورو ريڪارڊ حڪومت جي حوالي ڪرڻ لازمي آهي. پيرزادي چيو ته فارم 15 وارا تفصيل اليڪشن ڪميشن جي حوالي ڪيا ويا آهن. سلمان اڪرم راجه چيو ته سمورو ريڪارڊ اليڪشن ڪميشن جي اسٽورن ۾ سيل ٿيل موجود آهي. هڪ سوال جي جواب اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري بابر يعقوب ٻڌايو ته هن 2013ع جي عام چونڊن بابت اليڪشن ڪميشن جي رپورٽ نه ڏٺي آهي. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن جي ڪنهن ميمبر سان به هن ان ڏس ۾ صلاح مشورو نه ڪيو آهي. هن چيو ته هن ايڊيشنل سيڪريٽري، ڊائريڪٽر ليگل ۽ وڪيل سان عدالتي ڪميشن ۾ جواب داخل ڪرڻ جي حوالي سان صلاح مشورو ڪيو آهي. هن چيو ته هو ڄاڻايل چونڊن دوران بلوچستان ۾ چيف سيڪريٽري جي حيثيت سان ذميواريون نڀائي رهيو هو. هڪ سوال جي جواب هن چيو ته کيس اهڙي ڪا به ڄاڻ نه هئي ته 100 سيڪڙو واڌو بيلٽ پيپر ڇپايا ويا آهن. هن چيو ته چونڊن واري ڏينهن تمام گهڻيون شڪايتون موصول ٿيون هيون. بعد ۾ عدالتي ڪميشن جي ٻڌڻي اڱاري ڏينهن (اڄ) تائين ملتوي ڪئي وئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *