جوهي چاولا پنهنجي نئين فلم ۾ استادن کي درپيش مسئلا ظاهر ڪندي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره جوهي چاولا پنهنجي نئين ”چاڪ اينڊ ڊسٽر“ ۾ استادن کي پيش ايندڙ مسئلا ظاهر ڪندي. ڀارتي سڌ سماءَ جي ذريعن مطابق اداڪاره چيو آهي ته فلم جي شوٽنگ اپريل ۾ شروع ٿي جيڪا

هاڻي پڄاڻي جي مرحلن ۾ آهي. هن چيو ته اها هڪ تعليمي فلم آهي، جيڪا استادن بابت آهي، ان فلم ۾ استاد ڪهڙي طرح شاگردن تي اثر انداز ٿين ٿا. جوهي چيو ته جڏهن توهان فلم ڏسندا ته توهان روئيندا ۽ کلندا. فلم جي هدايت جيانت گلا تر ڏني آهي جڏهن ته امين سراني ان کي پروڊيوس ڪيو آهي. فلم جي ڪاسٽ ۾ جوهي چاولا، شبانه اعظمي، جيڪي شيروف، دوياتا ۽ سمير سوني شامل آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *