جون ۽ جولاءِ مهينو اهم قرار، رڳو نواز شريف ئي نه پر ٻيا به وڃڻ وارا آهن، عمران حڪومت 2020 تائين ختم ٿي ويندي: منظور وساڻ

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پ پ اڳواڻ منظور وساڻ اڳڪٿي ڪندي چيو آهي ته جون ۽ جولاءِ جو مهينو اهم آهي، رڳو نواز شريف ئي نه پر ٻيا به وڃڻ وارا آهن، هڪ دفعو ٻيهر چوان ٿو ته عمران خان جي حڪومت 2020ع تائين ختم ٿي ويندي.  هڪ بيان ۾ منظور وساڻ چيو ته موجوده حڪومت جو هلڻ مشڪل آهي، 2020ع حڪمرانن لاءِ وڏو مشڪل سال ثابت ٿيڻ وارو آهي. هن چيو ته جون، جولاءِ جو مهينو اهم آهي، ڪو جيل ۾ هوندو ته ڪو وري ٻاهر، رڳو نواز شريف نه سندس ساٿي به جيل وڃڻ وارا آهن، هڪ دفعو ٻيهر چوان ٿو ته عمران خان جي حڪومت 2020ع تائين ختم ٿي ويندي. سندس چوڻ هو ته جلد حڪومت جا وزير به جيل ۾ هوندا، احتساب سڀني جو هئڻ گهرجي جن تي ريفرنس آهن تن سان رعايت آهي ۽جن خلاف انڪوائريون هلي رهيون آهن اهي جيل ۾ آهن، احتساب رڳوپ پ جو ٿي رهيو آهي. منظور وساڻ چيو ته پهريون رمضان آهي جنهن ۾ غريب عوام پاڻي تي روزو رکي ۽ کولي رهيا آهن، سبزي ۽پئٽرول جي اگهن۾ اضافي سان مهانگائي جو جن بوتل مان ٻاهر نڪري آيو آهي، ڪڻڪ ۾ مٽي آفيسرملائين ۽ بدنام پ پ کي ڪيو پيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *