جولاءِ ۾ ڪوهيڙو نه ٿيو ته آزاد ڪشمير چونڊ ن ليگ کٽيندي: مريم نواز

آزاد ڪشمير(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته جيڪڏهن جولاءِ جي مهيني ۾ جيڪڏهن ڪوهيڙو نه ڇانيو ته آزاد ڪشمير ۾ اليڪشن ن ليگ کٽيندي. آزاد ڪشمير جي علائقي برناله ۾ چونڊ جلسي کي خطاب ۾ مريم نواز جو چوڻ هو ته مسلم ليگ ن هاڻ اُها پارٽي ناهي رهي، جيڪڏهن اليڪشن چوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته عمران خان جو وڏو نقصان ٿيندو. مريم نواز جو چوڻ هو ته جيڪڏهن جولاءِ جي مهيني ۾ ڪوهيڙو نه ٿيو ته اليڪشن نه ليگ کٽيندي، مخالفن جا سمورا جلسا گڏجي به ن ليگ جي هڪ جلسي جو مقابلو نٿا ڪري سگهن، گذريل اليڪشن ۾ 2 سيٽون وٺندڙ ياد رکن ته اليڪشن چوري ڪئي ته عوام توهان کي نه ڇڏيندو. ن ليگ جي نائب صدر جو چوڻ هو ته نواز شريف ظلم جي انتها ڪئي وئي، سازش جي ذريعي عوام جي ڪرسي تان هٽايو، پر نواز شريف اڄ به عوام جي عدالت ۾ کٽي ويو آهي، نواز شريف کي هارائڻ جي لاءِ توهان اليڪشن چوري ڪندا آهيو. سندس چوڻ هو ته 73 سالن ۾ ڪڏهن به پيٽرول جي قيمت 118 رپيا ناهي ٿي، يوٽيلٽي اسٽورز تي گيهه جي قيمت 170 رپين کان وڌي 260 رپيا ٿي وئي آهي، عمران خان جي نالائقي ۽ لڪرپشن جي ڪري مهانگائي ٿي آهي. هن چيو ته نواز شريف پنهنجي دور ۾ لوڊشيڊنگ ختم ڪري ڇڏي هئي، ڪشميرين وفاقي وزير جو بيضن سان استقبال ڪيو، جڏهن ڪشمير جو ڪيس هارائي ايندا ته ڇا ڪشميري توهان جو استقبال هارن سان ڪندا؟

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *