جوز بٽلر جي ورلڊ ڪپ شرٽ پنجهٺ هزار کان وڌيڪ پائونڊز ۾ نيلام ڪئي وئي

لنڊن(اسپورٽس نيوز) انگلينڊ جي رانديگر جوز بٽلر جي يادگار ورلڊ ڪپ شرٽ 65 هزار کان وڌيڪ پائونڊز ۾ نيلام ٿي وئي.ميڊيا رپورٽن موجب بٽلر هن شرٽ مان ملندڙ رقم ڪورونا وائرس جي لاءِ فنڊ ۾ ڏيندو ته جيئن هن رقم مان لنڊن/ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 30

 ۾ ميڊيڪل جي لاءِ فراهم ڪيل سهوليتن کي بهتر بنائڻ جي لاءِ استعمال ڪري سگهجي.جوز بٽلر اها شرٽ پهري فائنل کيڏيو ۽ انگلينڊ کي نيوزيلينڊ جي خلاف سوڀ ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. بٽلر جي هن شرٽ جي لاءِ 82 ماڻهن ٻولي لڳائي ۽ سڀني کان وڌيڪ 65 هزار هڪ سئو پائونڊ جي ٻولي ڏيندڙ کي هي شرٽ نيلام ڪري ڏني وئي.جوز بٽلر جو چوڻ آهي ته هي شرٽ ان جي لاءِ به اهم آهي پر جنهن مقصد جي لاءِ هن کي نيلام ڪيو ويو آهي اهو سڀني کان خاص آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *