جوديشل ڪميشن جي قيام ۾ عمران خان خود رڪاوٽ آهي: پرويز رشيد

اسلام آباد (بيورو) سڌ سماءَ جي وزير پرويز رشيد چيو آهي ته عمران خان جوڊيشل ڪميشن جو مطالبو ڪيو هو پر هاڻ ان کي مڃڻ لاءِ تيار نه آهي سڀ کان وڏي رڪاوٽ هو پاڻ آهي، عمران خان ياداشت وسارڻ سبب قوم عزيت جي شڪار آهي ان هو پاڪستان جي معيشت جي حوالي سان جي ايس پي کي جي ايس ايم چوي ٿو، دعا آهي ته خان صاحب جي ياداشت واپس اچي، عمران خان مشرف جي ڪرايل چونڊن کي ته مڃيو هو جيڪڏهن جمهوري اليڪشن کي نه مڃي رهيو آهي ته عمران خان جي ڪوڙ جو پول کلي ويو آهي، ڇو ته جڏهن تڪ ئي نه کليو ته عمران خان ڪوڙين رپيا ڪٿان خرچ ڪيا، عمران خان جڏهن چونڊ ڌانڌلي جا ثبوت ئي ناهن ته عمران خان ٽربيونل ڇا ڪرڻ ويندو آهي، جيڪو شخص فارم بي ڀري نه سگهيو اهو ملڪ جون حالتون ڇا ٺيڪ ڪندو، پنجاب ۾ وڏي وزير پٽواري ڪلچر جو خاتمو ڪيو آهي، عمران خان ڪي پي ڪي ۾ پنهنجي ڪارڪردگي ٻڌائي، پرويز رشيد چيو ته عمران خان فتي ۽ فساد جي سياست ڪرڻ چاهي ٿو ۽ هو ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي ته اچر تڪ نه کليا، عمران خان بار بار موقف تبديل ڪري رهيو آهي، پهريان چيو ته حلقا کوليو ۽ هاڻ ٿيلها کولڻ جو مطالبو ڪري رهيو آهي، وفاقي وزير چيو ته قومي اسيمبلي جو اسپيڪر اياز صادق جي تڪ ۾ ڪنهن پولنگ ايجنٽ ڪا به شڪايت داخل نه ڪرائي آهي، عمران خان مردان پولنگ اسٽيشن عورت پولنگ ايجنٽ جو حوالو ڏنو، اسان جي خيال ۾ عمران خان صرف مالي معاملن ۾ ڪوڙ ڳالهائيندو آهي پر هاڻ خبر پئي ته هو سياسي معاملن ۾ به ڪوڙ ڳالهائيندو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *